Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 22:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”اوهين هتي گڏهہ وٽ ترسو. آءٌ ۽ هي ڇوڪر هُتي عبادت ڪرڻ ٿا وڃون ۽ پوءِ اوهان وٽ موٽي اينداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تڏهن ابرهام پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين هتي گڏهہ وٽ ترسو، آءٌ ۽ ڇوڪر اڳتي ٿا وڃون؛ ۽ اسين عبادت ڪري اوهان وٽ موٽي اينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 22:5
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابراهيم موٽي پنهنجي نوڪرن وٽ آيو، تڏهن اُهي اُٿي روانا ٿيا ۽ گڏجي بيرسبع ۾ آيا. ابراهيم بيرسبع ۾ ئي رهڻ لڳو.


ٽئين ڏينهن ابراهيم پري کان اهو هنڌ ڏٺو.


ابراهيم قربانيءَ جون ڪاٺيون اسحاق کي کڻايون ۽ پاڻ ڪاتي ۽ باهہ ٻارڻ لاءِ ٽانڊا کنيائين، پوءِ ٻيئي گڏجي روانا ٿيا.


اڳواڻن کي چيو تہ ”جيستائين اسين موٽي اچون تيستائين اوهين هتي اسان جو انتظار ڪجو. هارون ۽ حور اوهان سان گڏ آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي بہ ڪو معاملو هجي تہ اهو هنن وٽ کڻي وڃي.“


انهيءَ جو سبب هي هو جو هن سمجھيو ٿي تہ خدا کي مئلن مان جيئرو ڪرڻ جي بہ قدرت آهي. سو اسحاق جي موت کان بچي وڃڻ جي باوجود ابراهيم کيس مثالي طرح مئلن مان وري حاصل ڪيو.


جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر گناهہ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ