Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 22:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ٽئين ڏينهن ابراهيم پري کان اهو هنڌ ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ٽئين ڏينهن ابرهام پنهنجيون اکيون مٿي کڻي پري کان اهو هنڌ ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 22:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻئي ڏينهن صبح جو ساجھر ابراهيم قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون وڍي گڏهہ تي لڏيون. پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي انهيءَ هنڌ ڏانهن روانو ٿيو جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس.


پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”اوهين هتي گڏهہ وٽ ترسو. آءٌ ۽ هي ڇوڪر هُتي عبادت ڪرڻ ٿا وڃون ۽ پوءِ اوهان وٽ موٽي اينداسين.“


”پوئتي موٽ ۽ منهنجي قوم جي اڳواڻ حزقياہ کي وڃي چئُہ تہ آءٌ خداوند، سندس ڏاڏي دائود جو خدا چوان ٿو تہ ’مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ تنهنجا ڳوڙها ڏٺا اٿم. تنهنڪري آءٌ تو کي شفا بخشيندس ۽ ٽئين ڏينهن تي تون هيڪل ۾ وڃي سگھندين.


روزن رکڻ جي ٽئين ڏينهن تي راڻي آستر پنهنجي شاهي پوشاڪ پهري، شاهي محل جي اندرئين حصي ۾ تخت واري ايوان جي سامهون اچي بيٺي. شهنشاهہ پنهنجي محل جي ايوان واري دروازي ڏانهن منهن ڪيو پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا. هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا پر پاڻي ڪٿي بہ نہ ملين.


ٽئين ڏينهن تائين هو تيار ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند سينا جبل تي لهي ايندس، جتي سڀيئي ماڻهو مون کي ڏسي سگھندا.


موسيٰ ماڻهن کي هي بہ چيو تہ ”ٽئين ڏينهن تائين تيار ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو عورت جي ويجھو نہ وڃي.“


تڏهن هنن چيس تہ ”عبرانين جو خدا اسان کي گڏيو آهي. سو اسان کي موڪل ڏي تہ اسين ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريون. جيڪڏهن ائين نہ ڪنداسين تہ متان هو اسان ۾ وبا موڪلي يا اسان کي جنگ ۾ مارائي ڇڏي.“


ٻن ڏينهن کان پوءِ هو اسان کي چڱو ڀلو ڪندو، ۽ ٽئين ڏينهن هو اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو، تان‌تہ اسين سندس آڏو زندہ رهون.


ليڪن قربانيءَ جي گوشت مان جيڪي ٽئين ڏينهن تائين بچي، سو ساڙيو وڃي.


سو هو خداوند جي جبل کان روانا ٿيا ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪيائون. خداوند جي عهد واري صندوق اهي ٽيئي ڏينهن انهن جي واسطي آرام ڪرڻ جي جاءِ ڳولڻ لاءِ سندن اڳيان پئي هلي.


هو پاڻ کي ٽئين ڏينهن تي ۽ ستين ڏينهن تي انهيءَ رک واري پاڻيءَ سان صاف ڪري تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو. پر جيڪڏهن هو پاڻ کي ٽئين ڏينهن تي ۽ ستين ڏينهن تي صاف نہ ڪندو تہ پاڪ نہ ٿيندو.


پاڪ ماڻهو ٽئين ۽ ستين ڏينهن تي انهيءَ ناپاڪ ماڻهوءَ تي اهو پاڻي ڇٽڪاري ۽ ستين ڏينهن هو انهيءَ کي پاڪ قرار ڏئي. انهيءَ ڏينهن تي پاڪ ٿيڻ وارو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. تنهن کان پوءِ شام جو هو پاڪ ٿي ويندو.


اوهان مان اهي سڀ جن ڪنهن کي ماريو هجي يا ڪنهن لاش کي هٿ لاتو هجي، سي ست ڏينهن خيمي‌گاهہ کان ٻاهر رهن. اهي ٽئين ۽ ستين ڏينهن تي پاڻ کي ۽ قيدياڻين کي پاڪ ڪن.


اهي کيس ماري ڇڏيندا پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ تنهن تي شاگرد ڏاڍا غمگين ٿي پيا.


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”انهيءَ لومڙ کي وڃي چئو تہ آءٌ اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان ۽ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان ۽ پرينهن پنهنجو ڪم رسائي پورو ڪندس.


پوءِ هن کي دفن ڪيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن تي کيس وري جيئرو ڪيو ويو جيئن پاڪ ڪلام ۾ فرمايل آهي.


”اوهين خيمي‌گاهہ جي وچان لنگھندي ماڻهن کي هي حڪم ڏيو تہ ’اوهين پنهنجي لاءِ سيڌو سامان تيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ٽن ڏينهن کان پوءِ اسين اردن درياءُ پار ڪري انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ هلنداسون جيڪو خداوند اسان کي ميراث ڪري ڏيڻ وارو آهي.‘“


تڏهن دائود اتان ٻئي پاسي هليو ويو ۽ پري وڃي جبل جي چوٽيءَ تي بيٺو تہ جيئن سندن وچ ۾ گھڻو مفاصلو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ