21 عُوض هن جو پهريتو پٽ، بُوز، قموايل جيڪو ارام جو پيءُ آهي،
21 عوض هن جو پهريتو پٽ آهي، ۽ سندس ڀائر بوز ۽ قموئيل، جو آرام جو پيءُ آهي؛
ڪجھہ وقت کان پوءِ ابراهيم کي خبر پيئي تہ سندس ڀاءُ نحور کي مِلڪاہ مان پٽ ٿيا هئا:
ڪسد، حضو، فلداس، يدِلاف ۽ بيتوايل
پوءِ انهيءَ نوڪر جيڪو ابراهيم جي سڄي ملڪيت جو سنڀاليندڙ هو، تنهن پنهنجي مالڪ جي اُٺن مان ڏهہ اٺ سامان سان لڏيا ۽ ارام جي علائقي ۾ انهيءَ شهر ڏانهن روانو ٿيو جنهن ۾ ابراهيم جو ڀاءُ نحور رهندو هو.
عُوض ملڪ ۾ ايوب نالي هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جيڪو ڪامل ۽ سچو انسان هو. هو خدا جو خوف رکندڙ ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندڙ هو.
تڏهن رام خاندان جي بوز گھراڻي جو اليهو ولد براڪيل پنهنجي ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ ايوب پنهنجو پاڻ کي سچو ٿي قرار ڏنو ۽ خدا تي الزام ٿي هنيائين.
۽ مصر ۾ رهندڙ سڀيئي ڌاريا ماڻهو، عُوض ملڪ جا سڀ بادشاهہ، فلستين جي ملڪ جي شهرن اسقلون، غزہ، عقرون جا سڀ بادشاهہ ۽ اشدود جا باقي بچي ويل ماڻهو،
ددان، تيما ۽ بُوز شهر ۾ توڙي ٻين هنڌن تي رهڻ وارا اهي ماڻهو جيڪي لوندڙيون ڪوڙائي ٻُچي ڏاڙهي رکن ٿا،
تڏهن بلعام پنهنجو الهامي گفتو شروع ڪندي چوڻ لڳو تہ ”موآب جي بادشاهہ بلق مون کي ارام ملڪ مان گھرايو. هائو، هن مون کي اوڀر واري جابلو علائقي مان سڏايو. هن چيو تہ ’اچ ۽ منهنجي خاطر بني يعقوب تي اچي لعنت ڪر، هائو، اچ ۽ منهنجي واسطي بني اسرائيل کي اچي ملامت ڪر.‘