Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 22:20 - Muslim Sindhi Bible

20 ڪجھہ وقت کان پوءِ ابراهيم کي خبر پيئي تہ سندس ڀاءُ نحور کي مِلڪاہ مان پٽ ٿيا هئا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو ابرهام کي خبر ملي تہ ملڪاہ کي بہ سندس ڀاءُ نحور مان ٻار پيدا ٿيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 22:20
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تارح ستر سالن جو ٿيو، تڏهن کيس ابرام، نحور ۽ حاران نالي ٽي پٽ ڄاوا. حاران کي لوط ڄائو.


کيس ملڪہ ۽ اِسڪہ نالي ڌيئرون پڻ هيون، جن مان نحور ملڪہ سان شادي ڪئي. ابرام سارائيءَ نالي عورت سان شادي ڪئي


تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“


عُوض هن جو پهريتو پٽ، بُوز، قمو‌ايل جيڪو ارام جو پيءُ آهي،


پوءِ انهيءَ نوڪر جيڪو ابراهيم جي سڄي ملڪيت جو سنڀاليندڙ هو، تنهن پنهنجي مالڪ جي اُٺن مان ڏهہ اٺ سامان سان لڏيا ۽ ارام جي علائقي ۾ انهيءَ شهر ڏانهن روانو ٿيو جنهن ۾ ابراهيم جو ڀاءُ نحور رهندو هو.


اڃا هن دعا پوري ئي ڪانہ ڪئي هئي تہ ربقہ آئي ۽ دلو سندس ڪلهي تي هو. هوءَ بيتوايل جي ڌيءَ هئي جيڪو ابراهيم جي ڀاءُ نحور جي زال مِلڪاہ جو پٽ هو.


هن جواب ڏنو تہ ”منهنجو پيءُ بيتوايل آهي، جنهن جي ماءُ مِلڪاہ ۽ پيءُ نحور آهي.“


شل ابراهيم جو معبود، نحور جو معبود ۽ سندن پيءُ جا معبود پڻ اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪن.“ تڏهن يعقوب انهيءَ خدا جو قسم کنيو جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو.


جيئن ڪنهن اڃايل ماڻهوءَ لاءِ ٿڌو پاڻي تازگي آڻي ٿو، تيئن ئي اُها خوشخبري انتظار ڪندڙ کي تازگي ڏئي ٿي جيڪا ڏورانهين ملڪ کان ٿي اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ