Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 22:12 - Muslim Sindhi Bible

12 خداوند چيس تہ ”ڇوڪر کي زخم نہ رساءِ ۽ ڪجھہ بہ نہ ڪرينس. هاڻ مون کي خبر پئي تہ مون خدا جو تون خوف رکين ٿو، ڇو تہ تو پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ هن چيو تہ ڇوڪر تي هٿ نہ کڻ، ۽ ڪي بہ نہ ڪرينس: هاڻي مون کي خبر پيئي آهي، تہ توکي خدا جو خوف آهي، ڇالاءِ جو تو پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 22:12
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابراهيم جواب ڏنو تہ ”مون سمجھيو تہ هتي ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونهي، سو منهنجي زال هٿ ڪرڻ لاءِ اهي مون کي ماري وجھندا.


تڏهن ابراهيم اکيون کڻي آس‌پاس نهاريو تہ هڪڙو گھيٽو ڏٺائين، جنهن جا سڱ هڪڙي ٻوڙي ۾ ڦاٿل هئا. ابراهيم وڃي اهو گھيٽو پڪڙيو ۽ آڻي پنهنجي پٽ جي بدران گھيٽي جي ساڙڻ واري قرباني ڪيائين.


”آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ تو کي برڪت مٿان برڪت ڏيندس، ڇو تہ تو هي ڪم ڪيو جو پنهنجو پٽ يعني پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو.


خدا چيس تہ ”تون پنهنجو پٽ يعني پنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جيڪو تو کي گھڻو پيارو آهي تنهن کي وٺي مورياہ جي علائقي ۾ وڃ. اتي جيڪو جبل آءٌ تو کي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪر.“


انهيءَ جو سبب هي آهي جو ابراهيم منهنجي فرمانبرداري ڪئي هئي ۽ منهنجي هدايتن ۽ سڀني حڪمن تي عمل ڪيو هئائين.“


ٽئين ڏينهن تي يوسف کين چيو تہ ”مون کي خدا جو خوف آهي، سو اوهين جيڪڏهن هيئن ڪندءُ تہ اوهان جي جان بچي ويندي.


پر مون کان اڳ وارا گورنر عوام تي ڳرو ٻوجھہ هئا ۽ کانئن روزاني جي کاڌي پيتي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ سڪا وٺندا هئا، بلڪ انهن جا نوڪر بہ عوام تي صاحبي هلائيندا هئا. پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو.


عُوض ملڪ ۾ ايوب نالي هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جيڪو ڪامل ۽ سچو انسان هو. هو خدا جو خوف رکندڙ ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندڙ هو.


تڏهن خدا انسان کي چيو تہ ”ياد رک، مون خداوند جو خوف رکڻ ئي ڏاهپ آهي، ۽ برائيءَ کان پري رهڻ ئي دانائي آهي.“


هو تو کي بار بار مصيبتن مان ڇڏائيندو، هائو، ڪا ئي خرابي تو کي نقصان نہ رسائيندي.


سچارن جي راهہ جي خداوند پاڻ سنڀال ڪري ٿو، پر بڇڙا جنهن راهہ تي هلن ٿا سا برباديءَ ڏانهن ٿي وڃي.


خداوند جي خوف رکڻ سان ئي دانائيءَ جي شروعات ٿئي ٿي. بيشڪ اهي سمجھو آهن جيڪي سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا. سندس واکاڻ هميشہ هميشہ تائين قائم رهندي.


بلڪ خداوند انهن کان ئي خوش ٿئي ٿو جيڪي کانئس ڊڄن ٿا، هائو، انهن کان جيڪي سندس دائمي رحمت ۾ اميد رکن ٿا.


اوهين ڊڄندي ڊڄندي خداوند جي عبادت ڪريو. هائو، کانئس ڏڪندي ڏڪندي سندس بندگي ڪريو.


جيڪي ماڻهو تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي ئي تون پنهنجو وڻندڙ رستو ڏيکارين ٿو.


اي خداوند! جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن، تن کي تون پنهنجي راز ۾ شامل ٿو ڪرين، ۽ انهن سان ٻڌل پنهنجو عهد پورو ڪرين ٿو.


موسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڊڄو نہ، خدا اوهان جي رڳو آزمائش وٺڻ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس خوف رکندي گناهہ نہ ڪريو.“


خداوند جو خوف رکو، ڇاڪاڻ تہ اها ئي سمجھہ جي شروعات آهي. جيڪي ڏاهپ ۽ سٺي تربيت حاصل ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن سي بي‌عقل آهن.


جيڪي نصيحتون ٻڌايون ويون آهن تن جو حاصل مطلب هي آهي تہ خدا کان ڊڄو ۽ سندس حڪمن تي عمل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هر انسان جو اهو ئي فرض آهي.


اوهان بعل ديوتا جي واسطي قربان‌گاهون ٺهرايون آهن تہ جيئن پنهنجن پٽن کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور اتي بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙيو. اهو هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن جو مون ڪڏهن بہ حڪم ناهي ڏنو، نہ ڪو ذڪر ڪيو اٿم ۽ نہ وري اهڙو ڪو خيال بہ منهنجي دل ۾ آيو.


آءٌ ساڻن هڪڙو دائمي عهد ٻڌندس، ۽ پوءِ آءٌ ساڻن چڱائي ڪرڻ کان ڪڏهن بہ باز نہ ايندس. آءٌ هنن جي دل ۾ پنهنجو خوف پيدا ڪندس، تہ جيئن هو مون کان ڦري نہ وڃن.


پر اوهين جيڪي منهنجو خوف ٿا رکو تن جي لاءِ ان ڏينهن منهنجو بچائڻ سج جي روشنيءَ وانگر هوندو، جنهن جو نتيجو چڱائي ۽ ڀلائي هوندو. اوهين انهيءَ ڏينهن تي ائين نچندا ٽپندا جيئن وٿاڻن مان گابا ڇٽي نڪرڻ مهل نچندا ٽپندا آهن.


پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ هو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي.


جيڪو بہ پنهنجا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ پيءُ، ٻار يا ٻنيون منهنجي ڪري ڇڏيندو تہ ان کي اُهي سؤڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس.


ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان ائين چمڪي جو اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي اوهان جي پيءُ جي واکاڻ ڪن، جيڪو آسمان تي آهي.“


ڏسو، خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.


انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ ڪليسيا کي امن حاصل ٿيو. اها خداوند جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌندي ويئي.


پر خدا اسان سان پنهنجو پيار انهيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ جان ڏني.


هن تہ پنهنجو فرزند بہ اسان کان پري نہ رکيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هو انهيءَ سان گڏ اسان کي نہ ڏيندو؟


اوهان تي اهڙي ڪا آزمائش نہ پيئي آهي جيڪا انسان لاءِ عام نہ هجي. خدا سچو آهي، هو اوهان کي اهڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوهان جي سهڻ جي طاقت کان ٻاهر هجي. هائو، جڏهن اوهين آزمائش ۾ پوندا تہ هو اوهان کي برداشت ڪرڻ جي طاقت سان گڏوگڏ انهيءَ مان بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو.


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


انهيءَ جو سبب هي هو جو هن سمجھيو ٿي تہ خدا کي مئلن مان جيئرو ڪرڻ جي بہ قدرت آهي. سو اسحاق جي موت کان بچي وڃڻ جي باوجود ابراهيم کيس مثالي طرح مئلن مان وري حاصل ڪيو.


سو جيئن تہ اسان کي اهڙي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي، جيڪا لڏي وڃڻ واري ناهي، تنهنڪري اچو تہ اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون جو اها خدا کي پسند اچي،


پر ٿي سگھي ٿو ڪو ماڻهو ائين چوي تہ ”ڪن وٽ ايمان آهي ۽ ڪن وٽ عمل بہ آهي.“ چڱو ڀلا، آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ کي چوان ٿو تہ ”تون عمل کان سواءِ مون کي پنهنجو ايمان ڏيکار ۽ آءٌ پنهنجي عمل سان تو کي پنهنجو ايمان ڏيکاريندس.


ان وقت تخت جي پاسي کان هڪڙو آواز آيو تہ ”اي خدا جا ٻانهؤ، ننڍؤ توڙي وڏؤ! اوهين جيڪي سندس خوف ٿا رکو، سي سڀ اسان جي خدا جي واکاڻ ڪريو.“


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ