Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 21:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هڪ ڏينهن سارہ ڏٺو تہ مصري هاجرہ جو پٽ اسماعيل جيڪو کيس ابراهيم مان ڄائو هو تنهن سارہ جي پٽ اسحاق سان راند پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ سارہ ڏٺو تہ مصر واريءَ هاجرہ کي جيڪو ابرهام مان پٽ ڄائو هو، سو چرچا پيو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 21:9
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابرام جي زال سارائي کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو. جيئن تہ کيس هاجرہ نالي هڪ مصري ٻانهي هئي،


هاجرہ کي ابرام مان هڪ پٽ ڄائو ۽ ابرام انهيءَ جو نالو اسماعيل رکيو.


باقي اسماعيل بابت مون تنهنجو عرض قبول ڪيو. آءٌ کيس برڪت ڏيندس ۽ گھڻو اولاد عطا ڪندس. هو ٻارهن سردارن جو پيءُ ٿيندو ۽ آءٌ هن جي اولاد کي هڪ وڏي قوم بڻائيندس.


پوءِ ٻار وڏو ٿيو ۽ جنهن ڏينهن ٿڃ ڇڏايائونس، تنهن ڏينهن ابراهيم هڪڙي وڏي دعوت ڪئي.


قاصد افرائيم ۽ منسيءَ جي سڄي علائقي ۾ شهر بہ شهر ٿيندا اتر واري زبولون جي علائقي تائين وڃي پهتا، پر ماڻهو مٿن کلڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.


پر هنن خدا جي پيغمبرن ۽ نبين تي کل ٺٺوليون ڪيون ۽ سندس فرمان کي ڌڪاريائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ايتري تہ ڀڙڪي اُٿي، جو هو سندس سزا کان بچي نہ سگھيا.


”پر هاڻي جيڪي مون کان ننڍا آهن سي بہ مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، جن جي ابن ڏاڏن کي آءٌ پنهنجي ڌڻ جي محافظ ڪتن سان گڏ ويهڻ بہ گوارا نہ ڪندو هئس.


پر مون کي ڪيڙو سمجھيو وڃي ٿو، آءٌ ڄڻ انسان ئي ناهيان. سڀيئي ماڻهو مون کي حقير ۽ ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن.


منهنجي هڏين ۾ ڄڻ تير ٿا چڀن، ڇاڪاڻ تہ منهنجا دشمن هر وقت مون کي طعنا هڻندي چون ٿا تہ ”تنهنجو خدا آهي ڪٿي؟“


انسان جي ڪمن مان ڄاڻي سگھجي ٿو تہ سندس ڪم چڱا ۽ نيڪ آهن يا نہ، توڙي جو کڻي اهو ٻار ڇو نہ هجي.


ٻين تي ٺٺولي ڪندڙ کي ڀڄائي ڪڍو تہ جھيڙو ٽري ويندو، هائو، جھيڙو، فساد ۽ بدنامي بند ٿي ويندي.


يروشلم جي وسندي انهن ڏينهن کي ياد پيئي ڪري، جڏهن اها خوشحال هئي. پر هاڻي اها ڏکن ۾ وڪوڙجي ويئي آهي. ان جي رهاڪن تي دشمنن قبضو ڪري کين جلاوطن ڪيو آهي. هاڻي اتي ڪوبہ ڪونهي جيڪو سندس مدد ڪري، ۽ مخالف سندس برباديءَ تي ٽهڪ ڏيئي رهيا آهن.


ان ۾ لکيل آهي تہ ابراهيم کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙو ٻانهيءَ مان ۽ ٻيو سندس زال مان.


پر جيئن انهيءَ وقت جسماني طور پيدا ٿيل ٻار پاڪ روح جي قدرت سان پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو هو، تيئن ئي هاڻي بہ ٿئي ٿو.


ڪن ماڻهن کي کِل ٺٺوليءَ جو نشانو بڻائي چهبڪ هنيا ويا، ايتري قدر جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ