Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 21:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ ٻار وڏو ٿيو ۽ جنهن ڏينهن ٿڃ ڇڏايائونس، تنهن ڏينهن ابراهيم هڪڙي وڏي دعوت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پوءِ اهو ٻار وڏو ٿيو، ۽ ٿڃ ڇڏايائونس: ۽ جنهن ڏينهن اسحاق جي ٿڃ ڇڏايائون، تنهن ڏينهن ابرهام هڪڙي وڏي مجلس ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 21:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن گھڻو زور ڪين ۽ نيٺ هو ساڻس گڏجي انهيءَ جي گھر آيا. هن انهن مهمانن لاءِ بي‌خميري ماني تيار ڪئي ۽ انهن کاڌي.


پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”ڪير ابراهيم کي چئي ٿي سگھيو تہ ’سارہ پٽ کي ٿڃ پيئاريندي‘؟ پر ان هوندي بہ مون کي هن جي ٻڍاپي ۾ هن مان پٽ ڄائو آهي.“


هڪ ڏينهن سارہ ڏٺو تہ مصري هاجرہ جو پٽ اسماعيل جيڪو کيس ابراهيم مان ڄائو هو تنهن سارہ جي پٽ اسحاق سان راند پئي ڪئي.


پوءِ اسحاق سندن مهماني ڪئي ۽ هنن کاڌو پيتو.


تڏهن لابن شاديءَ جو ڪاڄ ڪيو ۽ اتي جي سڀني ماڻهن کي ڪانڍيائين.


هاڻ ٽئين ڏينهن فرعون جي سالگرہ هئي، تنهن ڏينهن هن پنهنجي سڀني نوڪرن جي دعوت ڪئي. هن وڏي ساقيءَ ۽ وڏي نانوائيءَ کي آزاد ڪري پنهنجي سڀني نوڪرن جي سامهون گھرايو.


سو ابنير پاڻ سان ويهہ ماڻهو ساڻ ڪري دائود وٽ پهتو، تہ دائود سندن مهماني ڪئي.


پوءِ سليمان جاڳيو ۽ محسوس ڪيائين تہ خداوند اهو سڀ ڪجھہ ساڻس خواب ۾ ڪيو. تنهن کان پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيو ۽ اچي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ هن پنهنجي سڀني عملدارن جي دعوت ڪئي.


پنهنجي شاهيءَ جي ٽئين سال، هن پنهنجي سڀني اميرن ۽ وزيرن جي دعوت ڪئي. ان دعوت ۾ فارس ۽ مادئي ملڪن جا فوجي سالار، صوبن جا گورنر ۽ امير امراءَ شريڪ ٿيا هئا.


اٽلندو مون پنهنجو پاڻ کي خاموش ۽ ماٺيڻو بڻايو آهي. جيئن ڪو ٿڃ ڇڏايل ٻار ماءُ جي هنج ۾ دلجاءِ ڪيو پيو هجي، تيئن ئي منهنجي دل مون ۾ پُر سڪون آهي.


هاڻي جڏهن لورحامہ جو ٿڃ ڇڏايو ويو، تڏهن جُمر وري پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو.


هن جو پيءُ انهيءَ ڇوڪريءَ جي گھر ويو. سمسون اتي هڪ دعوت ڪئي، ڇو تہ رواج موجب گھوٽ ائين ڪندا هئا.


سمسون انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي هڪڙي ڳجھارت ٿو ڏيان. جيڪڏهن اوهين اها دعوت وارن ستن ڏينهن جي اندر ڀڃي ويا تہ آءٌ اوهان کي ٽيهہ عمدي سڻيءَ جون پوشاڪون ۽ ٽيهہ ڪپڙن جا وڳا ڏيندس.


تڏهن حنہ اوڏانهن نہ ويئي. هن پنهنجي مڙس کي چيو تہ ”جيستائين ٻار جو ٿڃ نہ ڇڏائينديس تيستائين اوڏانهن ڪين وينديس. پوءِ آءٌ ٻار کي وٺي اوڏانهن وينديس تہ جيئن هو خداوند جي آڏو حاضر ٿئي ۽ هميشہ اتي ئي رهي.“


پوءِ جڏهن انهيءَ جو ٿڃ ڇڏايائين، تڏهن انهيءَ ننڍڙي ٻار کي ساڻ ڪري، هڪ ٽسالو وهڙو، ڏهہ ڪلوگرام اٽو ۽ مئي سان ڀريل هڪڙي مشڪ پاڻ سان کڻي سيلا شهر ۾ خداوند جي مقدس خيمي وٽ آئي.


تنهن کان پوءِ ابيجيل موٽي نابال وٽ آئي ۽ ڏٺائين تہ هن پنهنجي گھر ۾ بادشاهي دعوت جهڙي هڪڙي دعوت ڪئي هئي. گھڻي مئي پيئڻ ڪري نشي سبب سندس دل سرور ۾ هئي. تنهنڪري هن صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين کيس ڪابہ ڳالهہ نہ ٻڌائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ