Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 21:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”ڪير ابراهيم کي چئي ٿي سگھيو تہ ’سارہ پٽ کي ٿڃ پيئاريندي‘؟ پر ان هوندي بہ مون کي هن جي ٻڍاپي ۾ هن مان پٽ ڄائو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ چوڻ لڳي تہ ڪير ابرهام کي چوي ها، تہ سارہ ٻارن کي چڳڙ ڌارائيندي؟ ڇالاءِ جو هن جي ٻڍاپي ۾ مون کي سندس لاءِ پٽ ڄائو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 21:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابراهيم جھڪي سجدو ڪيو. پر کلي دل ۾ چيائين تہ ”ڇا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي بہ ٻار ٿي سگھي ٿو، جنهن جي عمر سؤ سال هجي؟ ڇا نوي سالن جي ڄمار ۾ سارہ کي ٻار ٿي سگھي ٿو؟“


پوءِ خداوند ابراهيم کان پڇيو تہ ”سارہ ڇو کلي ائين چيو تہ ’ڇا واقعي مون کي پٽ ڄمندو، جڏهن تہ آءٌ هيتري ٻڍي آهيان؟‘


پوءِ ٻار وڏو ٿيو ۽ جنهن ڏينهن ٿڃ ڇڏايائونس، تنهن ڏينهن ابراهيم هڪڙي وڏي دعوت ڪئي.


تحفنيس جي ڀيڻ مان هدد کي جنُوبت نالي پٽ ڄائو جنهن جي پرورش شاهي محل ۾ ٿي. جنُوبت اتي فرعون جي پٽن سان گڏ رهندو هو.


جڏهن آءٌ صبح جو پنهنجي ٻار کي ٿڃ پيئارڻ لاءِ اٿيس تڏهن ڇا ڏسان تہ اهو مئو پيو آهي. پر جڏهن چٽو ڏينهن ٿيو ۽ مون چتائي نهاريو تڏهن ڏٺم تہ اهو منهنجو ڄڻيل پٽ نہ آهي.“


بيشڪ تون عظيم آهين ۽ تنهنجا ڪم عجيب آهن، ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي خدا آهين.


اي منهنجا رب! معبودن ۾ ڪوبہ تو جهڙو نہ آهي، ۽ نہ وري تنهنجي ڪمن جهڙا ڪنهن ٻئي جا ڪم آهن.


تڏهن تون خوش ٿي پنهنجيءَ دل ۾ چوندينءَ تہ ’هيترا سارا ٻار مون لاءِ ڪيئن پيدا ٿيا؟ جڏهن تہ آءٌ بي‌اولاد، سنڍ، جلاوطن ۽ قيدي هئس، پوءِ ڪنهن هنن کي پالي وڏو ڪيو؟ ڏسو، آءٌ تہ بلڪل اڪيلي ڇڏي ويئي هئس، پوءِ هي سڀ ڪٿان آيا؟‘“


ڇا اهڙي ڳالهہ ڪنهن ٻڌي آهي؟ ڇا اهڙيون شيون ڪنهن ڏٺيون آهن؟ ڇا ڪو ملڪ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ٺهي پوندو آهي؟ يا ڪا قوم هڪڙيءَ ئي گھڙيءَ ۾ پيدا ٿي پوندي آهي؟ پر ڏسو، صيئون هڪ اهڙو شهر آهي، هائو، اهو هڪ اهڙيءَ ماءُ وانگر آهي، جنهن کي سورن ٿيڻ شرط ئي ٻار ڄاوا هجن.


لعنت هجي انهيءَ ماڻهوءَ تي جنهن منهنجي پيءُ کي اها خوشخبري ٻڌائي تہ ”تو کي پٽ ڄائو آهي.“


سو بني يعقوب تي ڪوبہ جادو ڪين هلندو، نڪي بني اسرائيل تي ڪنهن فال جو ڪو اثر ئي ٿيندو. بلڪ مٿن انهن ڳالهين جو اثر نہ ٿيندو ڏسي هر ڪو چوندو تہ ’واہ، خدا پنهنجي قوم لاءِ ڇا ڇا نہ ڪيو آهي!‘


خدا چاهيو ٿي تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آهن.


مسيح جي اچڻ واري انهيءَ ڏينهن تي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل، يعني مٿس ايمان رکندڙ سڀ سندس قدرت ڏسي حيران ٿي ويندا ۽ سندس واکاڻ ڪندا. انهن ۾ اوهين بہ شامل هوندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ