Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 21:6 - Muslim Sindhi Bible

6 سارہ چيو تہ ”خدا منهنجي لاءِ کل ۽ خوشي آندي آهي. جيڪو بہ انهيءَ باري ۾ ٻڌندو سو مون سان گڏ کلندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ سارہ چيو تہ خدا مون کي کلايو آهي؛ جيڪو ٻڌندو سو مون سان گڏ کلندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 21:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابراهيم جھڪي سجدو ڪيو. پر کلي دل ۾ چيائين تہ ”ڇا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي بہ ٻار ٿي سگھي ٿو، جنهن جي عمر سؤ سال هجي؟ ڇا نوي سالن جي ڄمار ۾ سارہ کي ٻار ٿي سگھي ٿو؟“


اهو ئي سنڍ عورت جو گھر آباد ڪري ٿو. هائو، کيس ٻارن جي ماءُ بڻائي خوشي بخشي ٿو. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


انهيءَ مهل اسين خوشيءَ وچان ٽهڪ ڏيڻ ۽ گيت ڳائي خوشيون ملهائڻ لڳاسين. تڏهن غير قومن ۾ هل مچي ويو تہ ”خداوند هنن لاءِ ڪيڏا نہ عظيم ڪم ڪيا آهن.“


سو خداوند وراڻيو تہ ”ڇا ائين ٿي سگھي ٿو تہ ڪا ماءُ پنهنجي کيرپياڪ ٻار کي وساري ڇڏي، ۽ پنهنجي پيٽان ڄڻيل ٻچي تي ترس نہ کائي؟ توڙي جو ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي وساري بہ ڇڏي، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي ڪڏهن ڪين وساريندس.


تڏهن تون خوش ٿي پنهنجيءَ دل ۾ چوندينءَ تہ ’هيترا سارا ٻار مون لاءِ ڪيئن پيدا ٿيا؟ جڏهن تہ آءٌ بي‌اولاد، سنڍ، جلاوطن ۽ قيدي هئس، پوءِ ڪنهن هنن کي پالي وڏو ڪيو؟ ڏسو، آءٌ تہ بلڪل اڪيلي ڇڏي ويئي هئس، پوءِ هي سڀ ڪٿان آيا؟‘“


اي يروشلم جي وسندي! تون جيڪا هڪ سنڍ عورت وانگر هئينءَ، جنهن کي ڪو ٻار ئي نہ ٿي ٿيو، سا خوشيءَ وچان ڳاءِ. هائو، تون جنهن ويم جا سور ئي نہ سٺا هئا، سا وڏي آواز سان خوشيءَ وچان ڳاءِ، ڇاڪاڻ تہ تو بابت خداوند جو واعدو آهي تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گھڻو ٿيندو.


لعنت هجي انهيءَ ماڻهوءَ تي جنهن منهنجي پيءُ کي اها خوشخبري ٻڌائي تہ ”تو کي پٽ ڄائو آهي.“


تو کي خوشي ۽ سڪون ملندو ۽ ڪيترائي هن جي ڄمڻ تي خوش ٿيندا.


هن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏهن اهو ٻڌو تہ خداوند اليشبع تي وڏي مهرباني ڪئي آهي تہ اهي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا.


خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.


ايمان جي ڪري ئي ابراهيم پيءُ ٿيڻ جي لائق ٿيو، جيتوڻيڪ هو تمام پوڙهو هو ۽ سندس زال سارہ بہ سنڍ هئي. ابراهيم واعدي ڪرڻ واري کي سچو ڄاتو.


حنہ عيليءَ کي چيو تہ ”اي منهنجا سائين! تنهنجي سر جو قسم تہ آءٌ اها ئي عورت آهيان جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيهي خداوند کان دعا گھري هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ