5 جڏهن اسحاق ڄائو تڏهن ابراهيم جي عمر هڪ سؤ سال هئي.
5 جڏهن ابرهام جو پٽ اسحاق ڄائو، تڏهن ابرهام جي عمر هڪ سؤ ورهيہ هئي.
تنهن وقت ابرام جي عمر ڇهاسي سال هئي.
جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.
تڏهن ابراهيم جھڪي سجدو ڪيو. پر کلي دل ۾ چيائين تہ ”ڇا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي بہ ٻار ٿي سگھي ٿو، جنهن جي عمر سؤ سال هجي؟ ڇا نوي سالن جي ڄمار ۾ سارہ کي ٻار ٿي سگھي ٿو؟“
جڏهن ابراهيم جو طهر ٿيو، تڏهن سندس عمر نوانوي سال هئي.
ٻيو ٻار جڏهن ڄائو تہ عيسوءَ جي کُڙي سندس هٿ ۾ پڪڙيل هئي، تنهنڪري انهيءَ جو نالو يعقوب رکيائون. جڏهن هي ڄاوا تڏهن اسحاق جي عمر سٺ سال هئي.
لعنت هجي انهيءَ ماڻهوءَ تي جنهن منهنجي پيءُ کي اها خوشخبري ٻڌائي تہ ”تو کي پٽ ڄائو آهي.“
جيتوڻيڪ سندس عمر اٽڪل هڪ سؤ سال هئي ۽ ڄاتائين ٿي تہ سندس مرداڻي طاقت اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪي آهي ۽ سارہ ۾ بہ ڄڻڻ جي اميد ڪانہ هئي، تنهن هوندي بہ ابراهيم جو ايمان ڪمزور نہ ٿيو
انهيءَ تي ابراهيم صبر سان انتظار ڪندي اها واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي.