34 ابراهيم گھڻن ڏينهن تائين فلستين جي علائقي ۾ رهيو.
34 ۽ ابرهام گهڻن ڏينهن تائين فلستين جي ملڪ ۾ رهيو.
ابراهيم ممريءَ مان نڪري ڏکڻ ڏانهن سفر ڪيو. هو مسافري ڪندو قادش ۽ شور جي وچ ۾ آيو ۽ جرار شهر ۾ اچي رهيو.
پوءِ ابراهيم موٽي پنهنجي نوڪرن وٽ آيو، تڏهن اُهي اُٿي روانا ٿيا ۽ گڏجي بيرسبع ۾ آيا. ابراهيم بيرسبع ۾ ئي رهڻ لڳو.
بيشڪ، اسين تنهنجي نظر ۾ مهمان ۽ مسافر آهيون، جيئن اسان جا ابا ڏاڏا هئا. اسان جي عمر هن دنيا ۾ پاڇي وانگر آهي، جيڪا هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندي.
اي خداوند! تون منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي، منهنجا ڳوڙها وهندي ڏسي تون ماٺ ڪري نہ ويهہ. انهيءَ سبب جو آءٌ تنهنجي هن دنيا ۾ ٿوري وقت جو مهمان آهيان. هائو، آءٌ پنهنجي سڀني ابن ڏاڏن وانگر مسافر آهيان.
اهو ايمان ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“
ايمان جي ڪري ئي خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ابراهيم تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابراهيم وانگر تنبن ۾ رهندا هئا.
اي عزيزؤ! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هن دنيا ۾ پاڻ کي پرديسي ۽ مسافر سمجھي انهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جيڪي اوهان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين.