Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 21:32 - Muslim Sindhi Bible

32 بيرسبع وٽ عهد ڪرڻ کان پوءِ ابيملڪ پنهنجي فوج جي سپهہ‌سالار فيڪل سان گڏ موٽي فلستين جي علائقي ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 سو هنن بيرسبع وٽ پاڻ ۾ عهد ڪيو. پوءِ ابي ملڪ ۽ سندس سپهہ سالار فيڪل، موٽي فلستين جي ملڪ ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 21:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ساڻس دائمي دوستيءَ جو عهد اقرار ڪيائين.


بني اسرائيل وري بہ اهي ساڳيائي ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. سو خداوند هنن کي چاليهن سالن تائين فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


جڏهن فرعون انهن ماڻهن کي وڃڻ ڏنو، تڏهن خدا کين فلستين جي علائقي واري رستي کان نہ وٺي ويو، جيتوڻيڪ اهو ويجھو هو. هن ڪري جو خدا فرمايو هو تہ ”متان هي ماڻهو جنگ جھيڙو ڏسي پشيمان ٿين ۽ مصر ڏانهن موٽي وڃن.“


شل ابراهيم جو معبود، نحور جو معبود ۽ سندن پيءُ جا معبود پڻ اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪن.“ تڏهن يعقوب انهيءَ خدا جو قسم کنيو جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو.


هو گھڻين ئي رڍن ٻڪرين، ڍورن ڍڳن ۽ نوڪرن جو مالڪ ٿي ويو، تنهنڪري فلستي ساڻس حسد ڪرڻ لڳا.


جڏهن اسحاق کي اتي رهندي گھڻو وقت ٿي ويو تہ پوءِ هڪ ڏينهن ابيملڪ بادشاهہ پنهنجي دريءَ مان ٻاهر هيٺ نهاريو تہ ڇا ڏسي تہ اسحاق ربقہ سان پيار پئي ڪيو.


پوءِ ابراهيم ابيملڪ کي رڍون ٻڪريون ۽ چوپايو مال ڏنو ۽ ٻنهي ڄڻن پاڻ ۾ عهد ڪيو.


پر هڪڙي ماڻهوءَ ڀڄي جند ڇڏائي ۽ ابرام عبرانيءَ کي اچي خبر ڏنائين جيڪو ممري اموريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن جي ويجھو رهندو هو. ممري ۽ سندس ڀائرن اِشڪال ۽ عانير جو ابرام سان اتحاد ٿيل هو.


فتروسي، ڪسلوحي ۽ ڪريتي. فلستيءَ وارا ڪريتي جو اولاد هئا.


اهو ئي سبب هو جو ان جاءِ جو نالو بيرسبع پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ اتي هنن ٻنهي قسم کنيو هو.


پوءِ ابراهيم بيرسبع ۾ لئي جو هڪڙو وڻ لڳايو ۽ اتي خداوند، ابدي خدا جي عبادت ڪيائين.


سو هاڻي اچ تہ اسين ٻئي پاڻ ۾ عهد ڪريون، جيڪو تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ شاهد ٿي رهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ