Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 21:30 - Muslim Sindhi Bible

30 ابراهيم جواب ڏنس تہ ”هي ست گھيٽيون قبول ڪر. جيڪڏهن تون اهي وٺندين تہ اها انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ٿيندي تہ اهو کوهہ مون کوٽيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تڏهن هن چيو تہ هي ست گهيٽيون تون مون کان وٺ، تہ اهي انهيءَ ڳالهہ لاءِ منهنجون شاهد ٿين، تہ هيءُ کوهہ مون کوٽيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 21:30
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيءُ ڍڳ ۽ کوڙيل پٿر ٻيئي هن ڳالهہ جا شاهد آهن تہ نہ آءٌ نقصان رسائڻ جي خيال سان هي ڍڳ اورانگھي تو ڏانهن ايندس ۽ نہ تون هي ڍڳ ۽ کوڙيل پٿر اورانگھي مون ڏانهن ايندين.


پوءِ سڀني ماڻهن کي چيائين تہ ”هي پٿر اسان جو شاهد آهي. جيڪي ڳالهيون خداوند اسان سان ڪيون آهن سي سڀ هن ٻڌيون آهن. اهو اوهان تي شاهد ٿيندو، جيڪڏهن اوهين پنهنجي خدا جا انڪاري ٿيندءُ.“


ابراهيم ست گھيٽيون ڌڻ مان ڪڍي ڌار ڪيون.


ابيملڪ کانئس پڇيو تہ ”انهن ستن گھيٽين کي ڌار ڪرڻ جو ڪهڙو مطلب آهي؟“


سو جيڪي کوهہ سندس پيءُ ابراهيم جي جيئري، ابراهيم جي نوڪرن کوٽيا هئا سي سڀ فلستين مٽيءَ سان ڀري بند ڪري ڇڏيا.


هن وري اهي کوهہ کوٽايا جيڪي سندس پيءُ ابراهيم جي ڏينهن ۾ کوٽيا ويا هئا ۽ جيڪي فلستين ابراهيم جي مرڻ کان پوءِ بند ڪري ڇڏيا هئا. اسحاق انهن کوهن تي ساڳيا ئي نالا رکيا جيڪي پڻس رکيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ