پيدائش 21:16 - Muslim Sindhi Bible16 ۽ پاڻ هلي ويئي. هوءَ انهيءَ جي سامهون سڏ پنڌ تي وڃي ويهي رهي. هن سوچيو تہ ”آءٌ ٻار کي مرندو نہ ڏسان.“ پوءِ هوءَ روئڻ لڳي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 ۽ پاڻ هن جي سامهون تير جي ڌڪ جيترو پري وڃي ويهي رهي؛ ڇالاءِ جو چيائين تہ ٻار کي مرندو نہ ڏسان. سو انهيءَ جي سامهون ويهي زاروزار روئڻ لڳي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.