11 انهيءَ ڳالهہ ابراهيم کي ڏاڍو ڏک ڏنو، ڇاڪاڻ تہ اسماعيل بہ سندس ئي پٽ هو.
11 پر ابرهام جي نظر ۾ پنهنجي پٽ جي بابت هيءَ ڳالهہ ڏاڍي ڏکي لڳي.
ابراهيم خدا کي چيو تہ ”جيڪر تہ اسماعيل ئي منهنجو وارث ٿئي.“
پر خدا ابراهيم کي چيو تہ ”تون پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ٻانهيءَ بابت ڪابہ ڳڻتي نہ ڪر. ائين ئي ڪر جيئن سارہ تو کي چوي ٿي، ڇاڪاڻ تہ جنهن اولاد ڏيڻ جو مون تو سان عهد ٻڌو آهي سو اسحاق مان ئي ٿيندو.
تڏهن بادشاهہ جي حالت خراب ٿي ويئي. پوءِ هو انهيءَ ڪمري ڏانهن جيڪو دروازي جي مٿان هو، روئندو ويو ۽ هيئن چوندو ويو تہ ”او منهنجا پٽ ابيسلوم! هاءِ منهنجا پٽ! او منهنجا پٽ ابيسلوم! شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو. هاءِ منهنجا پٽ ابيسلوم! او منهنجا پٽ!“
جيڪڏهن ڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي توڙي پنهنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو، سو منهنجي لائق نہ آهي.
ڪابہ سيکت جڏهن ڏني وڃي ٿي، تڏهن خوشيءَ جو نہ، پر ڏک جو سبب ٿي لڳي. پر جيڪي برداشت ڪري پختا ٿي وڃن ٿا، تن کي اها آخر ۾ سچائيءَ ۽ سلامتيءَ واري زندگي بخشي ٿي.