Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 21:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن سارہ ابراهيم کي چيو تہ ”هن ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ. هن ٻانهيءَ جو پٽ تنهنجي ملڪيت ۾ منهنجي پٽ اسحاق سان وارث نہ ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تنهن تي ابرهام کي چيائين تہ هن ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ؛ ڇالاءِ جو هن ٻانهيءَ جو پٽ منهنجي پٽ اسحاق سان گڏ ورثي جو مالڪ نہ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 21:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خدا چيو تہ ”نہ. تنهنجي زال سارہ تنهنجي لاءِ هڪ پٽ ڄڻيندي ۽ تون انهيءَ جو نالو اسحاق رکجانءِ. آءٌ انهيءَ سان ۽ سندس اولاد سان پنهنجو عهد، جيڪو دائمي عهد آهي، قائم ڪندس.


پر ايندڙ سال هن مند ۾ سارہ جيڪو پٽ اسحاق تو کي ڄڻي ڏيندي تنهن سان آءٌ پنهنجو عهد قائم ڪندس.“


ابراهيم جواب ڏنو تہ ”مون سمجھيو تہ هتي ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونهي، سو منهنجي زال هٿ ڪرڻ لاءِ اهي مون کي ماري وجھندا.


پوءِ هن هٿ ڊگھيري پنهنجي پٽ کي ڪهڻ لاءِ ڪاتي کنئي.


ابراهيم جي پٽ اسحاق کي هن طرح اولاد ٿيو.


پر ٻين زالن جي پٽن کي بہ ابراهيم بخششون ڏنيون. پوءِ پنهنجي جيئري ئي انهن کي پنهنجي پٽ اسحاق کان ڌار ڪري اوڀر طرف واري ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين.


ٻين تي ٺٺولي ڪندڙ کي ڀڄائي ڪڍو تہ جھيڙو ٽري ويندو، هائو، جھيڙو، فساد ۽ بدنامي بند ٿي ويندي.


تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’هن جا هٿ پير ٻڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي هو پيو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند پيو ڪرٽيندو.‘“


ڪنهن بہ خاندان ۾ غلام تہ عارضي طور رهي ٿو، پر پٽ هميشہ تائين.


سو جيڪڏهن ميراث شريعت تي عمل ڪرڻ سان ملي ها تہ اها واعدي تي دارومدار نہ رکي ها. پر خدا پنهنجي فضل سان اها واعدي جي وسيلي ئي ابراهيم کي بخشي.


سو هاڻي اوهين غلام نہ رهيا آهيو، بلڪ ٻار بڻجي ويا آهيو ۽ ٻار بڻجي وڃڻ جو اهو مطلب آهي تہ خدا اوهان کي وارث بہ بڻائي ڇڏيو آهي.


تہ اسين هڪ غيرفاني، بي‌داغ ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جيڪو ايمان وارن لاءِ عرش عظيم تي رکيل آهي.


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


جِلعاد کي پنهنجيءَ زال مان بہ پٽ هئا. جڏهن اهي وڏا ٿيا تڏهن هنن افتاح کي گھر مان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. هنن کيس چيو تہ ”تو کي اسان جي پيءُ جي گھر مان ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، ڇاڪاڻ تہ تون ٻيءَ عورت جو پٽ آهين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ