Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 20:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اتي هن پنهنجيءَ زال سارہ لاءِ چيو تہ ”اها منهنجي ڀيڻ آهي.“ تڏهن اتان جي بادشاهہ ابيملڪ سارہ کي پاڻ وٽ گھرائي ورتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ اتي ابرهام پنهنجيءَ زال سارہ نالي چيو تہ هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي. تڏهن جرار جي بادشاهہ ابي ملڪ ماڻهو موڪلي، سارہ کي گهرائي ورتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 20:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ جي ڪن اميرن جڏهن هن کي ڏٺو تہ بادشاهہ وٽ وڃي هن جي تعريف ڪيائون. سو کيس بادشاهہ جي گھر وٺي ويا.


تنهن کان سواءِ هوءَ سچ پچ منهنجي ڀيڻ آهي. هوءَ منهنجي پيءُ جي ڌيءَ آهي پر منهنجيءَ ماءُ منجھان نہ. تنهنڪري مون هن سان شادي ڪئي آهي.


انهيءَ وقت ابيملڪ پنهنجي فوج جي سپهہ‌سالار فيڪل سان گڏ ابراهيم وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”جيڪي ڪجھہ تون ڪرين ٿو تنهن ۾ خدا تو ساڻ آهي.


اڳيون ڏڪار جيڪو ابراهيم جي وقت ۾ پيو هو تنهن کان سواءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي ملڪ ۾ پيو. سو اسحاق فلستين جي بادشاهہ ابيملڪ وٽ جرار ۾ ويو.


پوءِ ابيملڪ اسحاق کي چيو تہ ”اسان وٽان هليو وڃ، ڇو تہ تون اسان کان وڌيڪ زور وارو ٿي پيو آهين.“


جڏهن اتي جي ماڻهن کانئس سندس زال جي باري ۾ پڇا ڪئي تہ چيائين تہ ”اها منهنجي ڀيڻ آهي.“ هن انهيءَ کي پنهنجي زال نہ چيو، ڇو تہ هو ڊنو ٿي تہ ”متان اتي جا ماڻهو ربقہ کي هٿ ڪرڻ خاطر مون کي ماري وجھن،“ ڇاڪاڻ تہ هوءَ تمام سهڻي هئي.


تڏهن هڪڙو نبي ييهو ولد حناني بادشاهہ سان ملڻ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا اهو مناسب آهي جو تون بدڪارن جي مدد ڪرين ۽ خداوند جي دشمنن سان محبت رکين؟ ياد رک، انهيءَ ڳالهہ جي ڪري تو تي خدا جو ڏمر آهي.


تڏهن اليعزر ولد دوداواهو، جيڪو مريسہ شهر جو رهاڪو هو تنهن يهوسفط جي خلاف خدا جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”جيئن تہ تو اخزياہ سان اتحاد ڪيو آهي، سو خداوند تنهنجا ڪم بگاڙي ڇڏيندو.“ سو سندن اهي جهاز اهڙا ڀڄي ٽٽي پيا جو هو ترسيس وڃي نہ سگھيا.


جڏهن بابل جي حڪمرانن ڏانهس پنهنجا ايلچي موڪليا تہ کانئس ان معجزي واري نشانيءَ بابت پڇي اچن جيڪا سندس ملڪ ۾ ظاهر ٿي هئي، تڏهن خدا هن کي سندس مرضيءَ تي ڇڏيو تہ جيئن کيس آزمائي ۽ ڏسي تہ سندس دل ۾ ڇا آهي.


توڙي جو ايماندار ماڻهو بار بار ڪِري پوي، تہ بہ هو وري اُٿي کڙو ٿيندو. مگر جڏهن بدڪار ماڻهن تي آفت اچيو ڪڙڪي، تڏهن اهي منهن ڀر وڃيو ڪرن.


بزدلي ماڻهوءَ کي مشڪلاتن ۾ ڦاسايو ڇڏي، مگر خداوند تي توڪل رکڻ وارو سلامت رهي ٿو.


ساڳيءَ طرح جيڪو ڪنهن ٻئي جي زال سان صحبت ٿو ڪري، ڇا اهو سزا کان بچندو؟


تنهن هوندي بہ ڌرتيءَ تي اهڙو ڪوبہ سچار ماڻهو ڪونهي جيڪو رڳو نيڪي ئي نيڪي ڪندو رهي ۽ ڪا خطا نہ ٿي هجيس.


تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان هر ڪو هڪٻئي سان سچ ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀ ايمان وارا هڪ ئي بدن جا عضوا آهيون.


نڪي اوهين هڪٻئي سان ڪوڙ ڳالهايو، ڇو تہ اوهان پراڻي انساني فطرت کي سندس عادتن سميت لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ