Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 20:13 - Muslim Sindhi Bible

13 سو جڏهن خدا مون کي پنهنجي پيءُ جي گھر مان نڪري پرديس ۾ وڃڻ لاءِ چيو تڏهن مون هن کي چيو تہ ’اها تنهنجي مون تي مهرباني ٿيندي تہ جنهن جنهن هنڌ پاڻ هلون اتي تون مون کي پنهنجو ڀاءُ سڏائجانءِ.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا مون کي چيو تہ پنهنجي پيءُ جو گهر ڇڏي پرديس ۾ وڃ، تڏهن مون هن کي چيو تہ اها تنهنجي مون تي مهرباني ٿيندي تہ جنهن جنهن هنڌ پاڻ هلون، اتي تون منهنجي نالي چئج تہ هي منهنجو ڀاءُ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 20:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند ابرام کي چيو تہ ”پنهنجو ملڪ، پنهنجا مائٽ ۽ پنهنجي پيءُ جو گھر ڇڏ ۽ انهيءَ ملڪ ۾ وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس.


پوءِ اتان هو ڏاکڻي پاسي ڏانهن وڌندو ويو.


تنهن کان سواءِ هوءَ سچ پچ منهنجي ڀيڻ آهي. هوءَ منهنجي پيءُ جي ڌيءَ آهي پر منهنجيءَ ماءُ منجھان نہ. تنهنڪري مون هن سان شادي ڪئي آهي.


ڇا ابراهيم پاڻ نہ چيو هو تہ ’اها منهنجي ڀيڻ آهي‘؟ انهيءَ عورت پاڻ بہ چيو هو تہ ’هي منهنجو ڀاءُ آهي.‘ مون تہ هي ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪيو آهي ۽ مون ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.“


هو بڇڙن ڪمن ڪرڻ جي لاءِ هڪٻئي کي همتائين ٿا. اهي ڳجھيءَ طرح سان ڦندو وجھڻ لاءِ منصوبا ٿا جوڙين، ۽ هيئن چون ٿا تہ ”اسان کي ڪير ٿو ڏسي سگھي؟“


تنهن تي پطرس کيس چيو تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جو تو ۽ تنهنجي مڙس گڏجي خداوند جي پاڪ روح کي آزمائڻ لاءِ ائين ڪيو؟ ڏس، جن ماڻهن تنهنجي مڙس کي دفن ڪيو آهي، سي هاڻي دروازي تي اچي پهتا آهن. اهي تو کي بہ ٻاهر کڻي ويندا.“


جڏهن ابراهيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي هو خدا جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس واعدي ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.


سائول کين وراڻيو تہ ”شل خداوند جي اوهان تي برڪت هجي، جو اوهان مون تي ايڏي مهرباني ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ