Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 20:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ابراهيم ممريءَ مان نڪري ڏکڻ ڏانهن سفر ڪيو. هو مسافري ڪندو قادش ۽ شور جي وچ ۾ آيو ۽ جرار شهر ۾ اچي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پوءِ ابرهام اتان نڪري ڏکڻ ڏانهن مسافري ڪندو، قادس ۽ شور جي وچ ۾ آيو؛ ۽ جرار ۾ اچي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 20:1
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان وٺي ڏکڻ طرف جرار واري رستي غزہ تائين ۽ اوڀر طرف سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم واري رستي لشع تائين.


پوءِ اتان هو ڏاکڻي پاسي ڏانهن وڌندو ويو.


پوءِ ابرام پنهنجي زال ۽ پنهنجي مال ملڪيت سميت مصر مان نڪري ڪنعان جي ڏاکڻي پاسي ڏانهن روانو ٿيو ۽ لوط بہ ساڻس گڏ هو.


پوءِ هو موٽي عين‌مِشفاط ۾ آيا جيڪو بعد ۾ قادش سڏجڻ لڳو. انهن عماليقين جو سڄو علائقو فتح ڪيو ۽ امورين کي بہ شڪست ڏنائون جيڪي حصيصون‌تمر ۾ رهندا هئا.


ابرام جي زال سارائي کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو. جيئن تہ کيس هاجرہ نالي هڪ مصري ٻانهي هئي،


انهيءَ ڪري ماڻهو ان کوهہ کي جيڪو قادش ۽ برد جي وچ ۾ آهي، ”ڏسندڙ جيئري خدا جو کوهہ“ سڏيندا آهن.


خداوند پنهنجي ملائڪ جي وسيلي هاجرہ کي شور جي رستي تي رڻ‌پٽ ۾ پاڻيءَ جي هڪ چشمي وٽ گڏيو.


پوءِ خداوند ابراهيم کي ممريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن وٽ ڏيکاري ڏني، جتي ابراهيم پنهنجي تنبوءَ جي در وٽ ٽاڪ منجھند جو ويٺو هو.


ابراهيم گھڻن ڏينهن تائين فلستين جي علائقي ۾ رهيو.


اسحاق ”ڏسندڙ جيئري جي کوهہ“ کان آيو هو ۽ ڪنعان جي ڏاکڻي پاسي رهندو هو.


اسماعيل جو اولاد حويلاہ کان شور جي وچ واري علائقي ۾ رهندو هو، جيڪو اشور ڏانهن ويندي مصر جي اوڀر پاسي آهي. اُهي پنهنجي ابي ڏاڏي ابراهيم جي ٻئي اولاد کان الڳ رهندا هئا.


اڳيون ڏڪار جيڪو ابراهيم جي وقت ۾ پيو هو تنهن کان سواءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي ملڪ ۾ پيو. سو اسحاق فلستين جي بادشاهہ ابيملڪ وٽ جرار ۾ ويو.


جرار شهر جي ڌنارن اسحاق جي ڌنارن سان جھيڙو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هيءُ پاڻي اسان جو آهي.“ سو اسحاق کوهہ جو نالو ”جھيڙو“ رکيو.


ابيملڪ جرار مان پنهنجي صلاحڪار احوزت ۽ پنهنجي فوج جي سپهہ‌سالار فيڪل سان گڏجي اسحاق سان ملڻ لاءِ آيو.


خداوند جو آواز بيابانن کي لوڏي ٿو ڇڏي. بلڪ سندس آواز قاديس جي بيابان کي بہ ڏڪايو ڇڏي.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا. هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا پر پاڻي ڪٿي بہ نہ ملين.


پر جڏهن اسان خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو تہ هن اسان جي پڪار ٻڌي ۽ هڪڙي ملائڪ کي موڪلي اسان کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو. هاڻ اسين قادش شهر ۾ آهيون جيڪو اوهان جي سرحد جي ڪناري تي آهي.


”پوءِ اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب سينا جبل کان روانا ٿياسين ۽ انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ بيابان مان لنگھياسين، جيڪو اوهان امورين جي جابلو علائقي ڏانهن ويندي واٽ تي ڏٺو. پوءِ اسين قادش‌برنيع ۾ اچي پهتاسين.


انهيءَ جو سبب هي آهي جو اوهان ٻنهي بني اسرائيل جي موجودگيءَ ۾، صين جي بيابان ۾ ۽ قادش جي مريباہ واري چشمي وٽ منهنجي خيانت ڪئي هئي. اوهان بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجي پاڪيزگي قائم نہ رکي.


پوءِ سائول عماليقين کي حويلہ کان وٺي شور تائين، جيڪو مصر جي اوڀر پاسي آهي، ماريندو آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ