6 پر زمين مان گھِمَ نڪرندي هئي، جنهن سان سڄي زمين آلي ٿي ويندي هئي.
6 پر زمين مان ڪوهيڙو نڪرندو هو، جنهن سان ساري زمين تي ريج ٿيندو هو.
جڏهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو، تڏهن زمين تي نہ ڪو کاڌي وارو ٻوٽو هو ۽ نہ وري ڪو پوکيل اناج ڦٽي نڪتو هو، ڇو تہ اڃا تائين زمين تي نہ ڪو مينهن وسايو هئائين ۽ نہ وري ڪو انسان ئي هو جيڪو زمين تي پوک ڪري.
پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.
ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.