Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 2:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو، تڏهن زمين تي نہ ڪو کاڌي وارو ٻوٽو هو ۽ نہ وري ڪو پوکيل اناج ڦٽي نڪتو هو، ڇو تہ اڃا تائين زمين تي نہ ڪو مينهن وسايو هئائين ۽ نہ وري ڪو انسان ئي هو جيڪو زمين تي پوک ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اڃا تائين زمين تي ڪابہ نباتات ۽ جهنگ جا ٻوٽا ڪونہ اُڀريا هئا: ڇوتہ خداوند خدا زمين تي مينهن ڪونہ وسايو هو، ۽ نڪو انسان هو جو زمين تي پوک ڪري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 2:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر زمين مان گھِمَ نڪرندي هئي، جنهن سان سڄي زمين آلي ٿي ويندي هئي.


تنهنڪري خداوند خدا کيس عدن جي باغ مان تڙي ڪڍيو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن زمين مان هو ٺهيو آهي تنهن تي پوک ڪري.


جڏهن تون زمين تي هر هلائيندين تڏهن انهيءَ مان تو کي ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿيندو. تون زمين تي رلندين ۽ ڌڪا کائيندين.“


پوءِ کيس هڪ ٻيو پٽ هابيل ڄائو. هابيل ريڍار ۽ قابيل هاري بڻيو.


هو زمين تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٻنين کي ريج ڏئي ٿو.


تون ڍڳن لاءِ گاهہ اُپائين ٿو ۽ انسانن لاءِ اناج، تان‌تہ انسان زمين مان پنهنجي خوراڪ حاصل ڪن.


ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.


خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.


هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.


ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“


تہ جيئن اوهان جو پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن جا اوهين ٻار ٿيو. هو چڱن توڙي بڇڙن تي پنهنجو سج هڪجهڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن توڙي بدڪارن ٻنهي تي هڪجهڙو مينهن وسائي ٿو.


ڏسو، جيڪا زمين پاڻ تي بار بار پوندڙ مينهن جو پاڻي پيئي ٿي ۽ پنهنجي پوکيندڙ لاءِ ڪمائتو فصل ٿي اُپائي، تنهن تي خدا جي برڪت نازل ٿئي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ