25 آدم ۽ سندس زال ٻئي اگھاڙا هئا، تہ بہ لڄارا ڪونہ ٿي ٿيا.
25 ۽ آدم ۽ سندس زال ٻئي اُگهاڙا هئا، تڏهن بہ لڄارا ڪونہ ٿي ٿيا.
جيئن ئي انهن کاڌو تہ کين سمجھہ اچي ويئي ۽ محسوس ڪيائون تہ ”اسين اگھاڙا آهيون.“ سو هنن انجير جي پنن کي پاڻ ۾ ڳنڍي پنهنجي لاءِ لانگوٽا ٺاهيا.
بيشڪ، جن کي تو تي ڀروسو آهي، تن مان ڪوبہ شرمسار نہ ٿيندو، پر جيڪي ناحق دغا ٿا ڪن تن کي ئي ذليل وَ خوار ڪيو ويندو.
اي خداوند! آءٌ تو کان دعا ٿو گھران تہ تون مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ، بلڪ بدڪار ئي خوار خراب ٿين. تون کين خاموش ڪرائي قبر داخل ڪجانءِ.
هاڻي جڏهن موسيٰ ڏٺو تہ ماڻهو قابوءَ مان نڪري ويا آهن، ڇاڪاڻ تہ هارون هنن کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو هو تہ ڀلي سندن دشمن مٿن ٺٺوليون ڪن،
جيڪي بہ ماڻهو بت اُڪري ٺاهين ٿا، سي سڀ دوکيباز آهن ۽ جن بتن کي اهي پنهنجي لاءِ خزانو ٿا سمجھن، سي بلڪل بيفائدہ آهن. جيڪي انهن بتن جي پوڄا ٿا ڪن، سي انڌا ۽ جاهل آهن، اهي خوار خراب ٿيندا.
ماڻهو تنهنجي اوگھڙ ڏسندا. هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي. آءٌ بدلو وٺندس ۽ ڪوبہ مون کي روڪي نہ سگھندو.“
ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ تون وري شرمسار نہ ٿيندينءَ. پريشان نہ ٿيءُ، ڇوجو تون وري خوار نہ ٿيندينءَ، بلڪ تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي رنزال هجڻ جو مِهڻو وري نہ ٻڌندينءَ.
تون جيڪو بني اسرائيل جي اميد ۽ سندن آب حيات جو چشمو آهين! تنهن کي جيڪي ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ ذليل وَ خوار ٿيندا. هائو، جيڪي تو کان ڦري ويندا سي انهن اکرن جيان مِٽجي ويندا، جيڪي واريءَ تي لکيا ويا هجن.
ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو، کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
جڏهن تون پنهنجي وڏي ۽ ننڍي ٻنهي ڀينرن سان وري ملندينءَ، تڏهن تون پنهنجي چال چلت کي ياد ڪري شرمسار ٿيندينءَ. آءٌ اهي تو کي ڌيئرون ڪري عطا ڪندس، پر اهو سڀ ڪجھہ منهنجي انهيءَ عهد اقرار جو حصو نہ هوندو.
پوءِ اوهين جھجھو کائيندا پيئندا ۽ ڍءُ ڪري مون خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي واکاڻ ڪندا، جنهن اوهان تي هيڏيون ساريون مهربانيون ڪيون آهن. هاڻي اي منهنجي قوم! اڳتي اوهين ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.
جيڪڏهن ڪو هن گمراهہ ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو تہ ابنِ آدم بہ ان کان شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ پاڪ ملائڪن سان گڏ ايندو.“
ڏسو، جيڪو مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو، تنهن کان ابنِ آدم بہ شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پيءُ جي، پنهنجي ۽ پاڪ ملائڪن جي جلوي ۾ ايندو.
اهو پيغام سڀني لاءِ آهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ بہ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“