16 خداوند خدا آدم کي چيو تہ ”باغ ۾ هر ڪنهن وڻ جو ميوو ڀلي کائيندو رهج.
16 ۽ خداوند خدا آدم کي حڪم ڏيئي چيو تہ تون باغ جي سڀ ڪنهن وڻ جو ڦل ڀلي کائيندو رهہ:
مون اوهان جي کائڻ لاءِ هر قسم جو اناج ۽ هر قسم جو ميوو مهيا ڪري ڇڏيو آهي.
پوءِ خداوند خدا آدم کي عدن جي باغ ۾ رکيو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي باغباني ۽ سنڀال ڪري.
هن هر قسم جا سهڻا وڻ اُڀاريا ۽ منجھن سٺو ميوو بہ پيدا ڪيو. باغ جي وچ ۾ هڪ اهڙو وڻ هو جيڪو حياتي ڏيندڙ هو ۽ ٻيو اهڙو وڻ بہ هو جيڪو نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڏيندڙ هو.
سواءِ انهيءَ وڻ جي جيڪو باغ جي وچ ۾ آهي. خدا اسان کي چيو آهي تہ ’ان وڻ جو ميوو نہ کائجو ۽ نہ ان کي هٿ ئي لائجو، متان مري وڃو.‘“
خدا جيڪي ڪجھہ جوڙيو آهي، سو چڱو آهي ۽ انهيءَ کي رد ڪرڻ نہ گھرجي. پر ضروري اهو آهي تہ انهيءَ کي خدا جي شڪرگذاريءَ سان قبول ڪيو وڃي،
جيڪي همايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بيبقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.
پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.