Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 19:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پر انهن چيو تہ ”اسان جي رستي کان هٽي وڃ. تون ڌاريو ٿي ڪري اسان کي سمجھائين ٿو. هاڻي تو سان هنن کان بہ وڌيڪ خراب هلت ڪنداسين.“ پوءِ هو لوط کي ڌڪو ڏيئي در ڀڃڻ لاءِ اڳتي وڌيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تڏهن هنن چيس تہ پري ٿي بيهہ. پوءِ هو چوڻ لڳا تہ هي پرديسي، جو هتي گذران ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو هاڻي حڪومت ٿو هلائي؛ هاڻي اسين تو سان هنن کان بہ وڌيڪ خراب هلت ڪنداسين. پوءِ هو انهيءَ ماڻهوءَ، يعني لوط کي، ڌڪا ڏيڻ لڳا ۽ در ڀڃڻ تي هئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 19:9
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند چيو تہ ”جيئن تہ هي سڀ هڪڙي قوم آهن ۽ سندن ٻولي بہ هڪڙي آهي ۽ جيڪي ڪجھہ هو ڪرڻ لڳا آهن، اِها انهن جي رڳو شروعات آهي. جلد هو هر اهو ڪم ڪري ويندا، جيڪي ڪجھہ ڪرڻ گھرندا.


ابرام ڪنعان جي ملڪ ۾ رهي پيو ۽ لوط ميدان جي شهرن ۾ وڃي رهيو ۽ سدوم جي ويجھو پنهنجو تنبو کوڙيائين.


هن چيس تہ ”ڪنهن تو کي اسان جي مٿان حاڪم يا منصف مقرر ڪيو آهي؟ تون مون کي انهيءَ مصريءَ وانگر مارڻ ٿو چاهين ڇا؟“ اهو ٻڌي موسيٰ ڊڄي ويو ۽ دل ۾ چيائين تہ ”ضرور اها ڳالهہ ظاهر ٿي چڪي آهي.“


عقلمند ماڻهو خبرداريءَ کان ڪم وٺي ٿو، ۽ مشڪلاتن کان پاسو ٿو ڪري. مگر بي‌وقوف ماڻهو بي‌پرواهي ڪري ٿو، ۽ هر معاملي ۾ ٽنگ اڙايو ڇڏي.


جنهن رڇڻيءَ جا ٻچا چورايا ويا هجن سا خطرناڪ ٿئي ٿي، مگر تنهن کان وڌيڪ خطرناڪ اهو بي‌عقل ماڻهو آهي، جيڪو بي‌وقوفيءَ وارو ڪم ٿو ڪري.


پٿر ڳرو ٿو ٿئي ۽ واري اڃا بہ وزني ٿئي ٿي، مگر بي‌عقل جي بي‌عقلي ٻين لاءِ انهن کان وڌيڪ ڳري آهي.


بي‌عقل ماڻهوءَ جو ڳالهائڻ شروع کان آخر تائين بي‌وقوفيءَ سان ڀريل آهي، ۽ آخرڪار انهيءَ بڪواس جي ڪري سندس چريائپ ظاهر ٿئي ٿي.


هائو، هن دنيا ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي جو سڀني انسانن جي پڄاڻي هڪجهڙي ٿئي ٿي. تنهنڪري انسان جي سڄي حياتي بڇڙائيءَ ۽ چريائپ واري سوچ ۾ گذري ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي هڪجهڙي وفات ڪري وڃي مُڙدن سان ٿا ملن.


جڏهن تہ اهي ٻين کي چون ٿا تہ ’پري ٿي بيهو، اسان جي ويجھو نہ اچو، ڇاڪاڻ تہ اسين اوهان کان پاڪ آهيون.‘ اهي ماڻهو منهنجي نڪ ۾ اهڙي دونهين مثل چڙ ڏياريندڙ آهن، جيڪو ڪنهن دکندڙ باهہ مان نڪرندي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ کان بس نہ ٿو ڪري.


اهو ئي سبب آهي جو مينهن جھلجي ويو آهي، ۽ بهار وارو وسڪارو بہ ناهي ٿيو. انهيءَ هوندي بہ تنهنجي چال چلت ڪڃريءَ جهڙي آهي، ۽ شرم وچان ٻڏي بہ نہ ٿي مرين.


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو، کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هو بلڪل شرمندا ڪونہ آهن. کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن جو قصور اهو هو جو کين انهيءَ ڳالهہ جو غرور هو تہ کين کائڻ لاءِ جھجھي خوراڪ ۽ عيش وَ آرام هو، پر هنن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ٿي ڪئي.


اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“


پوءِ هن دائود کي چيو تہ ”مون وٽ اچ تہ آءٌ تنهنجو ماس پکين ۽ جھنگلي جانورن ڏانهن اڇلايان.“


پوءِ جيڪڏهن اهو ماڻهو کيس چوندو هو تہ ”ترس، پهريائين چرٻي ساڙڻ ڏي، پوءِ جيترو تون چاهين اوترو گوشت کڻي وڃ،“ تنهن تي هو چوندو هو تہ ”نہ، مون کي هينئر ئي ڏي نہ تہ آءٌ زوريءَ کڻي ويندوسانءِ.“


تنهنڪري هاڻي تون سوچ ۽ ويچار ڪر تہ تو کي ڇا ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي آقا ۽ سندس سڄي گھراڻي تي آفت نازل ٿيڻ واري آهي. باقي نابال تہ اهڙو خبيث ماڻهو آهي جو ڪوبہ ساڻس ڳالهائي ئي نہ ٿو سگھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ