Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 19:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ڏسو، منهنجيون ٻہ ڌيئر آهن جيڪي اڃا تائين ڪنواريون آهن. جيڪڏهن چئو تہ آءٌ انهن کي اوهان وٽ ٻاهر وٺي اچان، پوءِ جيئن اوهان کي وڻي تيئن انهن سان ڪريو. پر هنن ماڻهن کي ڪجھہ بہ نہ ڪريو. هو منهنجا مهمان ٿي منهنجي گھر ۾ آيا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 هاڻي ڏسو، منهنجون ٻہ ڌيون آهن جي مرد کان ناواقف آهن؛ جي چئو تہ آءٌ کين اوهان وٽ ٻاهر وٺي اچان، پوءِ جيئن اوهان کي وڻي تيئن ساڻن ڪريو: پر هنن ماڻهن کي ڪجهہ نہ ڪريو، ڇو تہ هو منهنجي پُکي هيٺ آيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 19:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ مانيءَ ٽڪر بہ کڻي ٿو اچان، سو کائي تازا توانا ٿيو ۽ پوءِ ڀلي هليا وڃجو. منهنجي گھر اچي اوهان مون کي عزت بخشي آهي، سو مون کي پنهنجي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏيو.“ انهن وراڻيو تہ ”چڱو، جيئن وڻيئي تيئن وڃي ڪر.“


هن کين چيو تہ ”ڀائرؤ! آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اهڙو بڇڙو ڪم نہ ڪريو.


تڏهن روبن پنهنجي پيءُ کي چيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ بنيامين کي موٽائي تو وٽ نہ آڻيان تہ تون منهنجا ٻئي پٽ ماري ڇڏجانءِ. هن کي منهنجي هٿن ۾ ڏي ۽ آءٌ کيس موٽائي تو وٽ آڻيندس.“


هارون وراڻيو تہ ”اي آقا! مون تي ڪاوڙ نہ ڪريو. اوهين هنن ماڻهن کان واقف آهيو، هنن جو لاڙو هميشہ بڇڙائيءَ ڏانهن آهي.


جيڪڏهن اوهين هٺيلي ۽ بدڪار ماڻهوءَ کي تنبيهہ ڪري سڌارڻ جي ڪوشش ڪندا، تہ اوهان کي موٽ ۾ ذلت ۽ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿيندو.


اهو ئي تہ حقيقي روزو آهي جو اوهين پنهنجي ماني بکين کي ڏيو، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گھر وٺي اچو. جڏهن ڪو اگھاڙو ڏسو تہ انهيءَ کي اوهين ڪپڙا ڍڪايو، ۽ پنهنجي مٽن مائٽن جي مدد ڪرڻ کان انڪار نہ ڪريو.


پطرس کي خبر نہ پئي پوي تہ هو ڇا پيو چوي، ڇو تہ هو ۽ ٻيا شاگرد ڏاڍا ڊڄي ويا هئا.


پوءِ اوهين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انهيءَ مان ڀلائي ٿئي.“ ڪي ماڻهو اسان تي اها تهمت هڻن بہ ٿا تہ اها تعليم اسان جي آهي. اهڙن تهمت هڻندڙن کي ڏوهاري قرار ڏيڻ انصاف آهي.


تڏهن گھر جي مالڪ ٻاهر نڪري کين چيو تہ ”نہ، اي منهنجا ڀائرؤ! مهرباني ڪري اهڙو بڇڙو ڪم نہ ڪريو. جيئن تہ اهو ماڻهو منهنجو مهمان آهي سو اهڙو ڪُڌو ڪم ساڻس نہ ڪريو.


ڏسو، منهنجي ڪنواري ڌيءَ ۽ هن جي عورت ٻئي موجود آهن. آءٌ انهن کي ٻاهر اوهان وٽ وٺي ٿو اچان، اوهين اهي وٺو ۽ جيڪي اوهين چاهيو سو ساڻن ڪريو. پر هن ماڻهوءَ سان اهڙو ڪُڌو ڪم نہ ڪريو.“


ڪنڊيءَ جي ٻوٽي کين چيو تہ ’جيڪڏهن سچ پچ اوهين مون کي مسح ڪري پاڻ تي بادشاهہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ اچو ۽ منهنجيءَ ڇانوَ ۾ پناهہ وٺو. پر جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ ڀلي مون ڪنڊيءَ مان باهہ نڪري ۽ لبنان جي ديال جي وڻن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏي.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ