7 هن کين چيو تہ ”ڀائرؤ! آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اهڙو بڇڙو ڪم نہ ڪريو.
7 ۽ کين چوڻ لڳو تہ ڀائرو، آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اهڙو بڇڙو ڪم نہ ڪريو.
مهمانن جي سمهڻ کان اڳي سدوم شهر جا مرد، جوان توڙي ٻڍا انهيءَ گھر کي چوڌاري وڪوڙي ويا.
لوط ٻاهر نڪري هنن وٽ ويو ۽ پنهنجي پٺيان در بند ڪري ڇڏيائين.
ڏسو، منهنجيون ٻہ ڌيئر آهن جيڪي اڃا تائين ڪنواريون آهن. جيڪڏهن چئو تہ آءٌ انهن کي اوهان وٽ ٻاهر وٺي اچان، پوءِ جيئن اوهان کي وڻي تيئن انهن سان ڪريو. پر هنن ماڻهن کي ڪجھہ بہ نہ ڪريو. هو منهنجا مهمان ٿي منهنجي گھر ۾ آيا آهن.“
اوهان ڪنهن مرد سان عورت وانگر صحبت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪراهت جهڙو ڪم آهي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مرد سان بدفعلي ڪندو، تہ انهن ٻنهي ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي، سو انهن ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. انهن جو خون سندن ئي سر تي هوندو.
هن هڪڙي ئي انسان مان سڀ قومون پيدا ڪيون آهن، تہ جيئن اهي سڄيءَ دنيا ۾ آباد ٿين. هن انهن لاءِ اڳ ۾ ئي خاص وقت ۽ رهڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون آهن،
سو خدا انهن کي سندن دلين جي خواهشن موجب گندين عادتن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي جيئن وڻين تيئن پاڻ ۾ هڪٻئي سان بيحيائيءَ وارا ڪم پيا ڪن.
بني اسرائيل جي ڌيئرن يا پٽن مان ڪوبہ ڪنهن مذهبي رسم ادا ڪندي ڪسبياڻيءَ يا لونڊي وارو ڪم نہ ڪري.
ساڳئي نموني سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آسپاس جي شهرن وارا انهن ملائڪن وانگر زناڪاري ۽ حرامڪاريءَ جي پٺيان پئجي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ جي سزا پيا ڀوڳين ۽ اهو ٻين لاءِ عبرت جو مثال آهي.
تڏهن گھر جي مالڪ ٻاهر نڪري کين چيو تہ ”نہ، اي منهنجا ڀائرؤ! مهرباني ڪري اهڙو بڇڙو ڪم نہ ڪريو. جيئن تہ اهو ماڻهو منهنجو مهمان آهي سو اهڙو ڪُڌو ڪم ساڻس نہ ڪريو.
تڏهن جعل ولد عبد پنهنجي گھراڻي وارن سميت سڪم شهر ۾ آيو ۽ اتان جي ماڻهن مٿس اعتماد ڪيو.