Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 19:5 - Muslim Sindhi Bible

5 انهن لوط کي سڏي کانئس پڇيو تہ ”اهي ماڻهو ڪٿي آهن جيڪي اڄ رات تو وٽ رهڻ لاءِ آيا هئا؟ انهن کي ٻاهر اسان وٽ وٺي اچ.“ سدوم شهر جا ماڻهو انهن سان برو فعل ڪرڻ چاهين پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ لوط کي سڏي چيائون تہ جيڪي ماڻهو اڄ رات تو وٽ آيا هئا، سي ڪٿي آهن؟ انهن کي اسان وٽ وٺي اچ تہ ساڻن صحبت ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 19:5
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لوط ٻاهر نڪري هنن وٽ ويو ۽ پنهنجي پٺيان در بند ڪري ڇڏيائين.


سڀ کان بدترين ڳالهہ هيءَ هئي تہ ڪي مرد انهن پوڄا گھرن ۾ بدفعلي ڪرڻ لاءِ موجود رهندا هئا. يهوداہ وارا بہ اهي ساڳيا ئي بي‌حيائيءَ وارا ڪم ڪرڻ لڳا، جيڪي اهي ماڻهو ڪندا هئا جن کي خداوند بني اسرائيل جي اچڻ وقت هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو.


غير معبودن وارين عبات‌گاهن تي اهي بدفعلي ڪندڙ جيڪي سندس پيءُ آسا جي ڏينهن ۾ رهجي ويا هئا، تن سڀني کان هن ملڪ کي پاڪ ڪري ڇڏيو.


جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند هنن ٿورن ماڻهن کي باقي نہ بچائي ها، تہ جيڪر يروشلم بہ سدوم ۽ عموراہ شهرن جيان برباد ٿي وڃي ها.


هنن جي بي‌انصافي سندن ئي خلاف شاهدي ٿي ڏئي، اهي ماڻهو سدوم ۽ عموراہ جي رهاڪن وانگر ظاهر ظهور گناهہ ڪن ٿا، ۽ لڪائين نہ ٿا. سو ويل آهي انهن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ پنهنجي سر تي بڇڙائي آندي آهي.


اهو ئي سبب آهي جو مينهن جھلجي ويو آهي، ۽ بهار وارو وسڪارو بہ ناهي ٿيو. انهيءَ هوندي بہ تنهنجي چال چلت ڪڃريءَ جهڙي آهي، ۽ شرم وچان ٻڏي بہ نہ ٿي مرين.


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو، کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن جو قصور اهو هو جو کين انهيءَ ڳالهہ جو غرور هو تہ کين کائڻ لاءِ جھجھي خوراڪ ۽ عيش وَ آرام هو، پر هنن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ٿي ڪئي.


اهي مغرور ۽ هٺيليون هيون ۽ اهڙا ڪم ڪنديون هيون جن کان مون کي نفرت هئي. تنهنڪري مون انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيو، جنهن بابت تون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي.


سامريہ جي وسنديءَ تہ تنهنجي گناهن جي اڌ جيترا بہ گناهہ نہ ڪيا هئا. تون ڪراهت جي ڪمن ڪرڻ ۾ انهن ٻنهي کان گوءِ کڻي ويئي آهين. تنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڀيٽ ۾ تنهنجي ٻنهي ڀينرن ڄڻ تہ ڪجھہ ڪيو ئي نہ هو.


اوهان ڪنهن مرد سان عورت وانگر صحبت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪراهت جهڙو ڪم آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مرد سان بدفعلي ڪندو، تہ انهن ٻنهي ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي، سو انهن ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. انهن جو خون سندن ئي سر تي هوندو.


اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بت‌پرست، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊي‌باز،


بني اسرائيل جي ڌيئرن يا پٽن مان ڪوبہ ڪنهن مذهبي رسم ادا ڪندي ڪسبياڻيءَ يا لونڊي وارو ڪم نہ ڪري.


اها زناڪارن ۽ لونڊي‌بازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح تعليم جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي.


جڏهن تہ بڇڙا ۽ دوکيباز ماڻهو ٻين کي دوکو ڏيندي ۽ پاڻ بہ دوکو کائيندي خراب کان خراب ٿيندا ويندا.


ڪيترائي ماڻهو انهن جي شهوت‌پرستيءَ جي پٺيان لڳندا، جن جي ڪري حق جي راهہ جي بدنامي ٿيندي.


وري لوط جو مثال ڏسو، جنهن کي خدا بچائي ورتو. اهو سچار شخص هو ۽ بدڪارن جي گندي هلت چلت کان تنگ ٿيو هو،


ساڳئي نموني سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آس‌پاس جي شهرن وارا انهن ملائڪن وانگر زناڪاري ۽ حرامڪاريءَ جي پٺيان پئجي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ جي سزا پيا ڀوڳين ۽ اهو ٻين لاءِ عبرت جو مثال آهي.


انهيءَ کان پوءِ جڏهن هو ارام سان ويٺا هئا، تڏهن اوچتو شهر جا ڪي بدڪار ماڻهو ان گھر کي وڪوڙي ويا. هنن در تي سٽڪا لائي ڏنا ۽ گھر جي مالڪ کي چوڻ لڳا تہ ”ڪو ماڻهو تنهنجي گھر ۾ آيو آهي تنهن کي ٻاهر ڪڍي اچ تہ اسين ساڻس برو فعل ڪريون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ