Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 19:34 - Muslim Sindhi Bible

34 ٻئي ڏينهن وڏيءَ ڀيڻ پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ کي چيو تہ ”ڪالهہ رات آءٌ پنهنجي پيءُ سان ستي هئس، اچ تہ اڄ رات بہ کيس مئي پيئاريون ۽ تون وڃي گڏ سمهينس. پوءِ اسان ٻنهي کي انهيءَ مان ٻار ٿيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ صبح جو هيئن ٿيو جو وڏيءَ ننڍيءَ کي چيو تہ ڏس، ڪالهہ رات آءٌ پنهنجي پيءُ سان سُتي هيس: اچ تہ اڄ رات بہ هن کي مئي پياريون ۽ تون وڃي ساڻس گڏ سمهہ، تہ اسين پنهنجي پيءُ جو نسل قائم رکون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 19:34
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هنن انهيءَ رات کيس مئي پيئاري ۽ وڏي ڌيڻس وڃي ساڻس ستي. هن کي ايترو تہ نشو هو جو کيس ڪابہ خبر ڪانہ پيئي.


سو انهيءَ رات بہ کيس مئي پيئاريائون ۽ ننڍي ڌيڻس وڃي ساڻس گڏ ستي. پر وري بہ هن کي ايترو تہ نشو هو جو کيس ڪابہ خبر ڪانہ پيئي.


هنن جي بي‌انصافي سندن ئي خلاف شاهدي ٿي ڏئي، اهي ماڻهو سدوم ۽ عموراہ جي رهاڪن وانگر ظاهر ظهور گناهہ ڪن ٿا، ۽ لڪائين نہ ٿا. سو ويل آهي انهن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ پنهنجي سر تي بڇڙائي آندي آهي.


اهو ئي سبب آهي جو مينهن جھلجي ويو آهي، ۽ بهار وارو وسڪارو بہ ناهي ٿيو. انهيءَ هوندي بہ تنهنجي چال چلت ڪڃريءَ جهڙي آهي، ۽ شرم وچان ٻڏي بہ نہ ٿي مرين.


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو، کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هو بلڪل شرمندا ڪونہ آهن. کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ