9 پوءِ هنن ابراهيم کان پڇيو تہ ”تنهنجي زال سارہ ڪٿي آهي؟“ هن جواب ڏنن تہ ”اها تنبوءَ ۾ آهي.“
9 پوءِ هنن چيس تہ تنهنجي زال سارہ ڪٿي آهي؟ هن چيو تہ اِجها تنبوءَ ۾ آهي.
انهن مان هڪڙي چيو تہ ”آءٌ ايندڙ سال هنن ڏينهن ۾ ضرور تو وٽ موٽي ايندس، تڏهن تنهنجيءَ زال سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“ سارہ هن جي پٺيان تنبوءَ جي در وٽ اها ڳالهہ ٻڌي ورتي.
پوءِ ڌونرو، کير ۽ گابي جو پڪل گوشت آڻي هنن جي اڳيان رکيائين. هو پاڻ وڻ هيٺ سندن پاسي ۾ بيٺو رهيو، جڏهن تہ هنن ويٺي کاڌو.
پوءِ اسحاق ربقہ کي ان تنبوءَ ۾ وٺي آيو جنهن ۾ سندس ماءُ رهندي هئي. پوءِ هن ساڻس شادي ڪئي. اسحاق ربقہ سان پيار ڪرڻ لڳو، انهيءَ ڪري اسحاق کي سندس ماءُ جي وفات جي ڏک کان تسلي ملي.
پر خداوند خدا آدم کي سڏي چيو تہ ”تون ڪٿي آهين؟“
تڏهن لابن يعقوب جي تنبوءَ، لياہ جي تنبوءَ ۽ ٻنهي ٻانهين جي تنبن ۾ ويو، پر اهي بت کيس هٿ نہ آيا. پوءِ هو لياہ جي تنبوءَ مان نڪري راخل جي تنبوءَ ۾ گھڙيو.
تڏهن خداوند قابيل کان پڇيو تہ ”تنهنجو ڀاءُ هابيل ڪٿي آهي؟“ قابيل وراڻيو تہ ”مون کي خبر ناهي، آءٌ ڪو پنهنجي ڀاءُ جو سنڀاليندڙ آهيان ڇا؟“
سمجھُو ۽ پاڪدامن هجن، گھر سنڀاليندڙ، مهربان ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ جيئن خدا جي پيغام جي بدنامي نہ ٿئي.
ايمان جي ڪري ئي خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ابراهيم تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابراهيم وانگر تنبن ۾ رهندا هئا.