Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 18:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ابراهيم تڪڙو تڪڙو پنهنجي تنبوءَ ۾ ويو ۽ سارہ کي چيائين تہ ”جلدي ڪر ۽ ٽي ماپا سٺو اٽو کڻي، ان کي ڳوهي مانيون پچائي وٺ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پوءِ ابرهام تڪڙو تڪڙو تنبوءَ ۾ سارہ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ جلدي ڪري ٽي ماڻ اٽو ڳوهي مانيون پچائي وٺ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 18:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ مانيءَ ٽڪر بہ کڻي ٿو اچان، سو کائي تازا توانا ٿيو ۽ پوءِ ڀلي هليا وڃجو. منهنجي گھر اچي اوهان مون کي عزت بخشي آهي، سو مون کي پنهنجي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏيو.“ انهن وراڻيو تہ ”چڱو، جيئن وڻيئي تيئن وڃي ڪر.“


پوءِ هو پاڻ ڊوڙي ڌڻ ڏانهن ويو ۽ اتان هڪڙو ٿلهو متارو گابو ڪاهي آڻي نوڪر کي ڏنائين، جنهن انهيءَ کي ذبح ڪري جلدي پچائي ورتو.


پر هن گھڻو زور ڪين ۽ نيٺ هو ساڻس گڏجي انهيءَ جي گھر آيا. هن انهن مهمانن لاءِ بي‌خميري ماني تيار ڪئي ۽ انهن کاڌي.


سو امنون بيماريءَ جو بهانو ڪري وڃي سمهي پيو. جڏهن دائود بادشاهہ کيس ڏسڻ آيو، تڏهن هن بادشاهہ کي چيو تہ ”ڀلائي ڪري منهنجي ڀيڻ تمر کي ڇڏيو تہ اچي منهنجي روبرو ٻہ لوليون پچائي تہ آءٌ سندس هٿان کاوان.“


آءٌ تنهنجي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ جلدي ڪريان ٿو، هائو، انهن تي هلڻ ۾ آءٌ دير نہ ٿو ڪريان.


پر نيڪ ماڻهو نيڪيءَ وارا منصوبا ٿا جوڙين. بيشڪ اهي پنهنجي انهن نيڪ منصوبن تي قائم رهندا.


عيسيٰ انهن کي هڪڙو ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهي خمير مثل آهي، جيڪو ڪنهن عورت کڻي جڏهن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“


پوءِ جڏهن انهيءَ عورت پنهنجي گھر جي ڀاتين سميت بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند عيسيٰ تي ايمان رکندڙ ڪري سمجھو ٿا تہ مهرباني ڪري منهنجي گھر هلي رهو.“ نيٺ هوءَ زور ڀري اسان کي پنهنجي گھر وٺي ويئي.


مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مهمان‌نوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهيو. پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي جسماني خواهشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ پيار جي رستي هڪٻئي جي خدمت ڪريو.


مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ملائڪن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي.


بنا ڪُرڪڻ جي هڪٻئي جي مهمان‌نوازي ڪريو.


تڏهن جِدعون گھر ويو ۽ هڪڙو ڇيلو ڪُهي تيار ڪيائين ۽ ڏهہ ڪلوگرام اٽي مان بي‌خميري مانيون پچايائين. اهو گوشت هن هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ وڌو ۽ شوروو هڪڙي ٿانوَ ۾ وڌائين. پوءِ هن اهي آڻي شاهہ‌بلوط وڻ هيٺ خداوند جي ملائڪ جي اڳيان پيش ڪيا.


پوءِ انهيءَ عورت جھٽ‌پٽ ۾ هڪڙو ٿلهو متارو گابو جيڪو سندس گھر ۾ موجود هو سو ڪهائي ورتو ۽ اٽو ڳوهي انهيءَ مان بي‌خميري مانيون پچايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ