4 آءٌ ٿورو پاڻي آڻيان ٿو، اوهين پنهنجو هٿ منهن ڌوئي هن وڻ جي هيٺ آرام ڪريو.
4 آءٌ ٿورو پاڻي آڻيان ٿو، اوهين پنهنجا پير ڌوئي هن وڻ جي هيٺ آرام ڪريو:
۽ چيائين تہ ”سائين، جيڪڏهن مهربانيءَ جي نظر ڪئي اٿوَ تہ هاڻي پنهنجي ٻانهي وٽان هليا نہ وڃجو. جيئن تہ اوهين پنهنجي ٻانهي وٽ آيا آهيو سو مون کي خدمت ڪرڻ ڏيو.
کين چيائين تہ ”سائين! آءٌ اوهان جي خدمت لاءِ حاضر آهيان. مهرباني ڪري منهنجي گھر هلو. اتي هلي هٿ منهن ڌوئو ۽ رات رهو، صبح جو سوير اُٿي ڀلي پنهنجي دڳ سان وڃجو.“ پر هنن جواب ڏنس تہ ”نہ، اسين سڄي رات هتي شهر جي پڌر ۾ گذارينداسين.“
پوءِ لابن انهيءَ ماڻهوءَ کي گھر وٺي آيو ۽ سندس اٺن تان بار لاهي انهن کي گاهہ ۽ چارو ڏنائين. هن ابراهيم جي نوڪر ۽ سندس ساٿين کي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ پاڻي آڻي ڏنو.
منتظم کين يوسف جي گھر ۾ اندر وٺي آيو. هن کين پاڻي ڏنو تہ جيئن هو پنهنجا پير ڌوئين ۽ سندن گڏهن کي گاهہ داڻو ڏنائين.
پوءِ انهيءَ عورت ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ ”هن عورت کي ڏسين ٿو؟ آءٌ تنهنجي گھر آيس تہ تو مون کي پير ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجي ڳوڙهن سان ڌوتا ۽ پنهنجي وارن سان اُگھيا آهن.
اها هر چڱي ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي هجي، جنهن جي شاهدي ماڻهو ڏيندا هجن، مثال طور ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مهماننوازي ڪئي هجائين، پيار ۽ نماڻائيءَ سان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي هجائين ۽ ڏکويلن جي مدد ڪئي هجائين.
سو هو انهن کي پنهنجي گھر وٺي ويو ۽ انهن جي گڏهن کي گاهہ ڏنائين. هنن هٿ منهن ڌوئڻ کان پوءِ ماني کاڌي.
تڏهن هوءَ اُٿي ۽ پيشاني زمين تي رکي تعظيم ڪري چوڻ لڳي تہ ”آءٌ پنهنجي آقا جي نوڪرن جي پيرن ڌوئڻ واري ٻانهي آهيان.“