Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 18:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ۽ چيائين تہ ”سائين، جيڪڏهن مهربانيءَ جي نظر ڪئي اٿوَ تہ هاڻي پنهنجي ٻانهي وٽان هليا نہ وڃجو. جيئن تہ اوهين پنهنجي ٻانهي وٽ آيا آهيو سو مون کي خدمت ڪرڻ ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ چيائين تہ اي منهنجا سائين، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن تنهنجي مهر جي نظر مون تي ٿي آهي تہ هاڻي پنهنجي ٻانهي وٽان هليو نہ وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 18:3
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هن مٿي نهاري ڏٺو تہ ٽي ماڻهو بيٺل نظر آيس. انهن کي ڏسي اتان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو. پوءِ جھڪي کين سجدو ڪيائين


آءٌ ٿورو پاڻي آڻيان ٿو، اوهين پنهنجو هٿ منهن ڌوئي هن وڻ جي هيٺ آرام ڪريو.


لابن کيس چيو تہ ”اي خداوند جا ڀلارا انسان! اچ، اندر اچ، ٻاهر ڇو بيٺو آهين؟ مون تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي اٺن جي لاءِ بہ جاءِ تيار ڪئي آهي.“


مون وٽ پنهنجا ڍور ڍڳا، گڏهہ، رڍون ٻڪريون، ٻانها ۽ ٻانهيون آهن. آءٌ هي پيغام پنهنجي آقا ڏانهن انهيءَ ڪري موڪليان ٿو تہ من توهان جي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿئي.‘“


تنهنڪري يوسف تي هن جي مهربانيءَ جي نظر ٿي، سو کيس پنهنجو خاص خدمتگار بڻايائين. فوطيفار يوسف کي پنهنجي گھر جو مختيار مقرر ڪيو ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو سو سڀ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين.


مهرباني ڪري تيستائين هتي ئي ترس جيستائين آءٌ موٽي اچان ۽ پنهنجو نذرانو آڻي تنهنجي اڳيان نہ رکان.“ خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”جيستائين تون موٽي نہ ايندين تيستائين آءٌ هتي ئي ترسندس.“


تڏهن جِدعون گھر ويو ۽ هڪڙو ڇيلو ڪُهي تيار ڪيائين ۽ ڏهہ ڪلوگرام اٽي مان بي‌خميري مانيون پچايائين. اهو گوشت هن هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ وڌو ۽ شوروو هڪڙي ٿانوَ ۾ وڌائين. پوءِ هن اهي آڻي شاهہ‌بلوط وڻ هيٺ خداوند جي ملائڪ جي اڳيان پيش ڪيا.


خدا جي ملائڪ کيس چيو تہ ”اهي بي‌خميري مانيون ۽ گوشت کڻي هن ٽڪريءَ تي رک ۽ شوروو انهن جي مٿان پئٽي ڇڏ.“ سو جِدعون ائين ئي ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ