Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 18:26 - Muslim Sindhi Bible

26 خداوند جواب ڏنس تہ ”جيڪڏهن مون کي سدوم شهر ۾ پنجاهہ سچار ملندا تہ انهن جي صدقي آءٌ سڄي شهر کي ڇڏي ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 تڏهن خداوند چيو تہ جيڪڏهن مون کي سدوم شهر ۾ پنجاهہ راستباز ماڻهو ملندا، تہ هنن جي صدقي آءٌ سڄي شهر کي ڇڏي ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 18:26
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند ابراهيم بابت چيو تہ ”جيئن تہ ابراهيم جو اولاد هڪ وڏي ۽ طاقتور قوم ٿيندو ۽ دنيا جي سڀني قومن کي انهن جي وسيلي برڪت ملندي، تہ پوءِ آءٌ جيڪي ڪجھہ سدوم سان ڪرڻ وارو آهيان ڇا اهو انهيءَ کان لڪايان؟


تڏهن اي بني اسرائيل! توڙي جو اوهين هاڻي سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترا گھڻا آهيو، تڏهن بہ اوهان مان ڪي ٿورا ئي جلاوطنيءَ مان موٽي پنهنجي وطن ايندا. بيشڪ اوهان لاءِ جيڪا بربادي مقرر ڪئي ويئي آهي، سا پوري انصاف تي ٻڌل آهي.


تڏهن بني اسرائيل مصر ۽ اشور جي ٻنهي ملڪن سان گڏجي ويندا ۽ اهي ٽيئي قومون پوريءَ دنيا لاءِ برڪت جو باعث ٿينديون.


جيڪڏهن انهن مان ڏهين حصي جيترا بہ ملڪ ۾ رهجي ويندا، تہ اهي بہ ناس ٿي ويندا. اهي تارپين يا شاهہ‌بلوط وڻن جي ٿُڙ وانگر وڃي بچندا، جنهن کي بہ ساڙيو وڃي ٿو.“ تنهن هوندي بہ انهيءَ ٿُڙ مان ئي خداوند لاءِ مخصوص نسل جي نئين سر پيدا ٿيڻ جو اشارو ملي ٿو.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”جهڙيءَ طرح سٺن انگورن کي برباد نہ ٿو ڪيو وڃي، بلڪ انهن مان مئي ٿي ٺاهي وڃي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ پنهنجي پوري قوم کي برباد نہ ڪندس، بلڪ آءٌ انهن کي بچائيندس جيڪي منهنجي بندگي ٿا ڪن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين يروشلم جون گھٽيون گھمي جاچي ڏسو، چونڪن ۾ تلاش ڪري ڏسو. جيڪڏهن اوهان کي ڪو هڪڙو اهڙو ماڻهو ملي، جيڪو ايمانداريءَ واري هلت ڪندو هجي ۽ حق سچ جو ڳولائو هجي، تہ پوءِ آءٌ يروشلم شهر کي معاف ڪري ڇڏيندس.


مون انهن منجھہ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي گھڻي ڳولا ڪئي، جيڪو ڪوٽ جي مرمت ڪري يعني اهو کين گناهہ ڪرڻ کان خبردار ڪري يا وري ڀڳل ٽٽل ڀت تي کڻي بيهي يعني اهو مون خداوند آڏو پڪاري تہ جيئن منهنجي قوم منهنجي ايندڙ غضب کان محفوظ رهي سگھي ۽ برباد نہ ٿئي، پر مون کي منجھن اهڙو ڪوبہ نہ مليو.


ايتري قدر جو جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ها تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر خدا جي چونڊيلن خاطر انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ