Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 18:23 - Muslim Sindhi Bible

23 ابراهيم خداوند جي ويجھو آيو ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون واقعي سچارن کي بدڪارن سان گڏ برباد ڪندين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ ابرهام ويجهو اچي چيو تہ تون راستبازن کي بہ بدڪارن سان گڏ برباد ڪندين ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 18:23
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن انهيءَ شهر ۾ پنجاهہ سچار ماڻهو هجن تہ پوءِ بہ تون سڄو شهر برباد ڪندين؟ ڇا انهن پنجاهہ سچارن جي ڪري تون انهيءَ کي ڇڏي نہ ڏيندين؟


پڪ تون سچارن کي بدڪارن سان گڏ نہ ماريندين. ائين نہ ٿو ٿي سگھي، تون ائين نہ ٿو ڪري سگھين. جيڪڏهن ائين ڪندين تہ پوءِ سچار بدڪارن جهڙا ليکبا. ائين نہ ٿو ٿي سگھي. سڄي دنيا جي انصاف ڪرڻ واري کي انصاف ڪرڻو آهي.“


پر ابيملڪ هن جي ويجھو نہ ويو هو. سو چيائين تہ ”اي مالڪ! آءٌ بي‌ڏوهي آهيان. پوءِ ڇا تون مون کي ۽ منهنجي ماڻهن کي بہ ماريندين؟


ان دوران دائود جڏهن ماڻهن کي مارڻ واري ملائڪ کي ڏٺو، تڏهن خداوند کي چيائين تہ ”ڏس، مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ آءٌ ئي ڏنگي هلت هليو آهيان، پر هنن مسڪينن جو ڪهڙو قصور آهي؟ سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجو هٿ منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي جي ئي خلاف ٿئي.“


ڇا انصاف کان نفرت رکندڙ ڪو حڪمراني ڪري ٿو سگھي؟ تہ پوءِ تو کي ڪهڙي طاقت آهي جو تون عادل ۽ قادر خدا تي الزام هڻين.


ڇا خدا عدل کي ڦيرائي ٿو ڇڏي؟ ڇا قادرِمطلق انصاف جو خون ٿو ڪري؟


پر مون لاءِ اهو چڱو آهي جو آءٌ تو کي ويجھو ٿيان. تو خداوند خدا کي ئي مون پنهنجي پناهہ بڻايو آهي، تان‌تہ آءٌ تنهنجي سڀني ڪيل ڪمن جو بيان ڪريان.


ڪوڙيءَ تهمت کان پاڻ کي پري رکو. بي‌گناهہ ۽ سچار کي قتل نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بڇڙي کي بي‌ڏوهي قرار نہ ڏيندس.


انهن جو اڳواڻ انهن منجھان ئي هوندو. هائو، انهن جو حاڪم سندن منجھان ئي ٿيندو. آءٌ هن کي سڏيندس تڏهن هو منهنجي ويجھو ايندو، نہ تہ ڪنهن جي مجال آهي جو ڪو پاڻ منهنجي ويجھو اچي سگھي؟ سو آءٌ ئي سندن خدا هوندس ۽ اهي منهنجي قوم هوندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پر موسيٰ ۽ هارون سجدي ۾ ڪري کيس چوڻ لڳا تہ ”اي خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ جي ڪري سڄيءَ قوم تي ڪاوڙبين ڇا؟“


سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير گناهن کان پاڪ ٿيل آهن ۽ اسان جا جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.


تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي دعا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


الياس نبي بہ اسان وانگر انسان هو. هن وڏي جوش سان دعا گھري تہ مينهن نہ وسي، پوءِ ساڍن ٽن سالن تائين زمين تي مينهن نہ پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ