Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 18:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ اهي ماڻهو اتان روانا ٿيا ۽ هيٺ سدوم ڏانهن نهاري ڏٺائون. ابراهيم انهن کي اُماڻڻ لاءِ رستي تائين انهن سان گڏجي هليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 پوءِ اُهي ماڻهو اٿي کڙا ٿيا ۽ سدوم ڏانهن رخ ڪيائون ۽ ابرهام کين اُماڻڻ لاءِ رستي تائين ساڻن گڏجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 18:16
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ سارہ ڊڄي ويئي هئي تنهنڪري هن انڪار ڪري چيو تہ ”آءٌ ڪونہ کلي آهيان.“ پر هن چيس تہ ”نہ، تون برابر کلي آهين.“


اتي هن مٿي نهاري ڏٺو تہ ٽي ماڻهو بيٺل نظر آيس. انهن کي ڏسي اتان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو. پوءِ جھڪي کين سجدو ڪيائين


پوءِ انهن مان ٻہ ماڻهو اتان روانا ٿي سدوم ڏانهن ويا. پر خداوند ابراهيم سان گڏ ئي بيٺو رهيو.


جڏهن اهي ٻئي ملائڪ شام جو سدوم ۾ آيا تہ لوط شهر جي دروازي وٽ ويٺو هو. جيئن ئي انهن تي نظر پيس تہ اُٿي کين گڏجڻ ويو. انهن جي اڳيان زمين تي پيشاني رکي کين تعظيم ڏنائين.


تنهن تي انطاڪيا جي ڪليسيا وارن هنن کي روانو ڪيو. هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آهي. اهو ٻڌي اتان جي ايمان وارن کي ڏاڍي خوشي ٿي.


هنن کي سڀ کان وڌيڪ هن ڳالهہ جو ڏک هو جو پولس چيو هو تہ ”ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو.“ پوءِ هو پولس سان گڏجي سامونڊي جهاز تائين آيا.


پر جڏهن ست ڏينهن پورا ٿيا تہ اسين ساڳئي ئي سفر لاءِ اتان نڪرڻ لڳاسين. تڏهن هو پنهنجن ٻارن ۽ زالن سميت شهر کان ٻاهر تائين اسان کي ڇڏڻ آيا ۽ اسان سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري تي گوڏن ڀر ويهي دعا گھريائون.


سو جڏهن آءٌ اسپين ملڪ ڏانهن ويندس، تڏهن اميد آهي تہ اوهان وٽان ٿيندو ويندس، تہ جيئن اوهان جي پيار مان منهنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي. پوءِ اوهين مون کي اسپين ڏانهن روانو ڪرڻ ۾ مدد ڪجو.


هتان جي ڪليسيا جي اڳيان انهن تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. اهو چڱو ٿيندو جيڪڏهن تون ائين سندن مدد ڪري کين سفر لاءِ روانو ڪرين جيئن خدا کي پسند آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ