Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 18:12 - Muslim Sindhi Bible

12 سو سارہ دل ۾ کلي چيو تہ ”هاڻي تہ آءٌ ٻڍي ٿي ويئي آهيان ۽ منهنجو مڙس بہ ٻڍو آهي. ڇا مون کي تہ بہ اها خوشي حاصل ٿي سگھي ٿي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 سو سارہ دل ۾ کلي چيو تہ آءٌ ٻڍي ٿي ويئي آهيان ۽ منهنجو خاوند بہ ٻڍو آهي؛ ڀلا هن کان پوءِ مون کي ڪيئن خوشي حاصل ٿيندي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 18:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابراهيم جھڪي سجدو ڪيو. پر کلي دل ۾ چيائين تہ ”ڇا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي بہ ٻار ٿي سگھي ٿو، جنهن جي عمر سؤ سال هجي؟ ڇا نوي سالن جي ڄمار ۾ سارہ کي ٻار ٿي سگھي ٿو؟“


پوءِ خداوند ابراهيم کان پڇيو تہ ”سارہ ڇو کلي ائين چيو تہ ’ڇا واقعي مون کي پٽ ڄمندو، جڏهن تہ آءٌ هيتري ٻڍي آهيان؟‘


اليشع کيس چيو تہ ”ايندڙ سال هن وقت تنهنجو پٽ تنهنجي جھوليءَ ۾ هوندو.“ تڏهن انهيءَ عورت کيس رڙ ڪري چيو تہ ”نہ، اي منهنجا آقا! توهين خدا جا ٻانها آهيو، پنهنجي هن ٻانهيءَ سان ڪوڙ نہ ڳالهايو.“


انهيءَ مهل اسين خوشيءَ وچان ٽهڪ ڏيڻ ۽ گيت ڳائي خوشيون ملهائڻ لڳاسين. تڏهن غير قومن ۾ هل مچي ويو تہ ”خداوند هنن لاءِ ڪيڏا نہ عظيم ڪم ڪيا آهن.“


جيئن تہ بادشاهہ تنهنجو ڌڻي آهي، سو تو کي سندس فرمانبرداري ڪرڻ کپي. هو تنهنجي سونهن جو مشتاق ٿيندو.


اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ مڙس کي پنهنجيءَ زال سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنهنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.


اهڙيءَ طرح سارہ بہ ابراهيم جي فرمانبردار رهندي هئي ۽ کيس پنهنجو آقا چوندي هئي. اوهين بہ انهيءَ جون ڌيئر آهيو، بشرطيڪ نيڪ ڪم ڪريو ۽ ڪنهن بہ خوف جو شڪار نہ ٿيو.


پوءِ اها عورت پرهہ ڦٽيءَ مهل ان ماڻهوءَ جي گھر ڏانهن موٽي جتي سندس مڙس رهيل هو. هوءَ در تي اچي ڪري پيئي ۽ روشني ٿيڻ تائين اتي ئي پيئي رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ