Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 18:10 - Muslim Sindhi Bible

10 انهن مان هڪڙي چيو تہ ”آءٌ ايندڙ سال هنن ڏينهن ۾ ضرور تو وٽ موٽي ايندس، تڏهن تنهنجيءَ زال سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“ سارہ هن جي پٺيان تنبوءَ جي در وٽ اها ڳالهہ ٻڌي ورتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 هن چيو تہ جڏهن وري هيءَ بهار جي مند ايندي، تڏهن آءٌ ضرور تو وٽ موٽي ايندس ۽ ڏس، تنهنجيءَ زال سارہ کي پٽ ڄمندو. ۽ هن جي پٺيان تنبوءَ جو در هو، اُتان سارہ هيءَ ڳالهہ ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 18:10
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن وڌيڪ چيس تہ ”آءٌ تنهنجي اولاد کي ايترو تہ وڌائيندس جو ڪوبہ انهن جو شمار نہ ڪري سگھندو.


آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ انهيءَ جي پيٽان تو کي هڪڙو پٽ ڏيندس. آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي. هن منجھان قومن جا بادشاهہ پيدا ٿيندا.“


پر خدا چيو تہ ”نہ. تنهنجي زال سارہ تنهنجي لاءِ هڪ پٽ ڄڻيندي ۽ تون انهيءَ جو نالو اسحاق رکجانءِ. آءٌ انهيءَ سان ۽ سندس اولاد سان پنهنجو عهد، جيڪو دائمي عهد آهي، قائم ڪندس.


پر ايندڙ سال هن مند ۾ سارہ جيڪو پٽ اسحاق تو کي ڄڻي ڏيندي تنهن سان آءٌ پنهنجو عهد قائم ڪندس.“


پوءِ هنن ابراهيم کان پڇيو تہ ”تنهنجي زال سارہ ڪٿي آهي؟“ هن جواب ڏنن تہ ”اها تنبوءَ ۾ آهي.“


پنهنجي واعدي موجب خداوند سارہ کي برڪت ڏني.


هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ ابراهيم لاءِ هن جي ٻڍاپي ۾ پٽ ڄڻيائين. جنهن وقت لاءِ خدا چيو هو ٻار انهيءَ ئي وقت تي ڄائو.


تنهن تي خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”اي زڪرياہ! ڊڄ نہ. تنهنجي دعا قبول ڪئي ويئي آهي. سو تنهنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يحيٰ رکج.


ٻانهيءَ وارو پٽ عام طور ڄائو هو، پر آزاد زال وارو پٽ خدا جي واعدي موجب ڄائو هو.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين سارہ جي پٽ اسحاق وانگر خدا جي واعدي موجب پيدا ٿيل اولاد آهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ