Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 18:1 - Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند ابراهيم کي ممريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن وٽ ڏيکاري ڏني، جتي ابراهيم پنهنجي تنبوءَ جي در وٽ ٽاڪ منجھند جو ويٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 وري ٻنپهرن جي وقت جڏهن هو پنهنجي تنبوءَ جي در وٽ ويٺو هو، تڏهن ممريءَ جي شاہ بلوطن ۾ خداوند کيس ڏيکاري ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 18:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربان‌گاهہ ٺاهي.


سو ابرام پنهنجو تنبو کڻي ممريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن جي ويجھو اچي رهيو، جيڪي حبرون ۾ آهن. هن اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي.


پر هڪڙي ماڻهوءَ ڀڄي جند ڇڏائي ۽ ابرام عبرانيءَ کي اچي خبر ڏنائين جيڪو ممري اموريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن جي ويجھو رهندو هو. ممري ۽ سندس ڀائرن اِشڪال ۽ عانير جو ابرام سان اتحاد ٿيل هو.


تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“


جڏهن خدا ابراهيم سان ڳالهائي بس ڪئي تہ پوءِ وٽانئس مٿي هليو ويو.


پوءِ انهن مان ٻہ ماڻهو اتان روانا ٿي سدوم ڏانهن ويا. پر خداوند ابراهيم سان گڏ ئي بيٺو رهيو.


ابراهيم ممريءَ مان نڪري ڏکڻ ڏانهن سفر ڪيو. هو مسافري ڪندو قادش ۽ شور جي وچ ۾ آيو ۽ جرار شهر ۾ اچي رهيو.


خداوند اسحاق کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”مصر ڏانهن نہ وڃ پر جنهن ملڪ لاءِ آءٌ تو کي چوان انهيءَ ۾ رهہ.


يعقوب پنهنجي پيءُ اسحاق وٽ ممري ۾ آيو جيڪو قريت‌اربع يعني حبرون شهر جي ويجھو آهي، اتي ابراهيم ۽ اسحاق رهندا هئا.


يعقوب يوسف کي چيو تہ ”قادرِمطلق خدا ڪنعان جي ملڪ ۾ لوز شهر وٽ مون کي ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏني هئي.


انهيءَ ئي رات خدا سليمان کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھر تہ اهو آءٌ تو کي ڏيان.“


تڏهن موسيٰ خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”جيڪڏهن هو مون تي اعتبار نہ ڪن، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃين، بلڪ ائين چون تہ ’خداوند تو کي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي،‘ تہ پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟“


تنهن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ بزرگؤ! منهنجي ٻڌو. خداءِ‌ذوالجلال اسان جي وڏي ابراهيم تي ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن حاران شهر ۾ رهڻ کان اڳ هو مسوپتاميہ ۾ رهندو هو.


ايمان جي ڪري ئي خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ابراهيم تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابراهيم وانگر تنبن ۾ رهندا هئا.


مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ملائڪن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي.


يشوع جڏهن يريحو شهر جي ويجھو اچي پهتو تہ اوچتو ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار ڪڍيو بيٺو آهي. يشوع وٽس ويو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تون اسان جي طرف آهين يا اسان جي دشمنن جي طرف؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ