Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 17:7 - Muslim Sindhi Bible

7 آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان انهن جي سڀني پيڙهين تائين پنهنجو دائمي عهد ٻڌندس. آءٌ ئي تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو خدا هوندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾، انهن جي سڀني پيڙهين لاءِ ابدي عهد ڪندس؛ آءٌ تنهنجو ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جو خدا ٿيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 17:7
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


هر ڪنهن مرد جو طهر ضرور ٿيل هجي. اها هڪ جسماني نشاني هوندي، اهو ڏيکارڻ لاءِ تہ اوهان سان منهنجو عهد دائمي آهي.


پر خدا چيو تہ ”نہ. تنهنجي زال سارہ تنهنجي لاءِ هڪ پٽ ڄڻيندي ۽ تون انهيءَ جو نالو اسحاق رکجانءِ. آءٌ انهيءَ سان ۽ سندس اولاد سان پنهنجو عهد، جيڪو دائمي عهد آهي، قائم ڪندس.


جتي انهيءَ ئي رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ ابراهيم جو خدا آهيان، تون بلڪل نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان. آءٌ پنهنجي ٻانهي ابراهيم سان ٻڌل عهد جي ڪري، تو کي برڪت عطا ڪندس ۽ تنهنجو نسل گھڻو وڌائيندس.“


پوءِ ڏٺائين تہ خداوند سندس ڀر ۾ بيٺو آهي ۽ چويس ٿو تہ ”آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابراهيم ۽ اسحاق جو خدا آهيان. اها زمين جنهن تي تون سمهيو پيو آهين سا آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.


پر تو سان آءٌ پنهنجو عهد ڪندس. تون پنهنجيءَ زال، پنهنجي پٽن ۽ انهن جي زالن سميت اچي ٻيڙي ۾ چڙهج.


جڏهن انڊلٺ ڪڪرن مان نڪرندي تہ آءٌ اها ڏسي اهو عهد ياد ڪندس جيڪو مون ۽ اوهان ڌرتيءَ جي سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي.


تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي هميشہ جي واسطي پنهنجي قوم بڻايو ۽ تون، اي خداوند! انهن جو خدا بڻيو آهين.


بيشڪ اهو ئي خداوند اسان جو خدا آهي. انهيءَ جا ئي فيصلا سڄي ڌرتيءَ تي رائج آهن.


آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو. اوهين مون کان رڳو گھري ڏسو، آءٌ اوهان کي هر نعمت عطا ڪري ڇڏيندس.


تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئج تہ ’مون کي خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ ڏس، هميشہ تائين منهنجو نالو اهو ئي آهي ۽ سڀني پيڙهين ۾ مون کي انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو.


وري چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آهيان.“ اهو ٻڌي موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇاڪاڻ تہ هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.


مون انهن سان پنهنجو عهد ٻڌو هو تہ ڪنعان جو ملڪ، جنهن ۾ هو ڌارين وانگر رهندا هئا سو کين ڏيندس.


آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم بڻائيندس ۽ اوهان جو خدا ٿيندس. جڏهن مون اوهان کي مصرين جي غلاميءَ مان ڇڏايو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪريان، ۽ ظلم ۽ ناانصافيءَ کان نفرت ٿو ڪريان. آءٌ پنهنجي قوم کي سچائيءَ سان سندن عيوضو ڏيندس، ۽ ساڻن ابدي عهد ٻڌندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ان وقت آءٌ بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.“


انهيءَ ملڪ ۾ هو سلامتيءَ سان رهندا، گھر جوڙيندا ۽ انگورن جا باغ لڳائيندا. هائو، جڏهن آءٌ سندن آس‌پاس وارا سڀيئي ماڻهو جيڪي کانئن حقارت ڪندا هئا، تن کي سزا ڏيندس، تڏهن اهي امن وَ امان ۾ پيا گذاريندا. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان.“


آءٌ خداوند ئي آهيان جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ئي اوهان جو خدا هجان. تنهنڪري اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پاڪ آهيان.


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهيءَ لاءِ تہ ڪنعان جو ملڪ اوهان کي ڏيان ۽ اوهان جو خدا هجان.“


آءٌ اوهان جي وچ ۾ گھمندس ڦرندس. آءٌ ئي اوهان جو خدا هوندس ۽ اوهين منهنجي قوم هوندا.


انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ هوندا، تڏهن آءٌ کين رد نہ ڪندس، نڪي انهن کان ايتري نفرت ڪندس جو کين بلڪل برباد ڪري ڇڏيان. آءٌ انهن سان پنهنجو ٻڌل عهد نہ ٽوڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان.


بلڪ آءٌ هنن جي خاطر سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌل عهد کي ياد ڪندس، جن کي آءٌ غير قومن جي اکين اڳيان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ئي سندن خدا هجان. آءٌ خداوند آهيان.“


آءٌ اوهان تي مِهر جي نظر ڪندس ۽ اوهان کي گھڻو اولاد ڏيئي وڌائيندس. آءٌ اوهان سان ٻڌل عهد پورو ڪندس.


تو پنهنجي قوم، جيڪي ابراهيم ۽ يعقوب جو اولاد آهن، تن جي ابن ڏاڏن سان گھڻو اڳي وفا ۽ دائمي شفقت جو واعدو فرمايو هو، تن کي هاڻي تون انهيءَ واعدي موجب وري نئين سر نوازيندين.


هو فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘ ان جو مطلب آهي تہ هو مئلن جو خدا نہ، بلڪ جيئرن جو خدا آهي.“


جڏهن عيسيٰ اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.


خدا جو پاڪ روح ڏيڻ جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.“


اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي خدا پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجو جلوو ڏيکاريو، ساڻن پنهنجا عهد ٻڌائين ۽ کين شريعت عطا ڪيائين. اهي ئي حقيقي عبادت ۽ سندس واعدن جا حقدار آهن.


انهيءَ وقت اوهين دنيا جي دستور موجب هلندا هئا ۽ نظر نہ ايندڙ مخلوقن تي اختياري هلائيندڙ حڪمران جا پوئلڳ هئا يعني شيطان جا. هي اهو ئي روح آهي، جيڪو هاڻي تائين انهن ماڻهن تي اثر ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آهن.


۽ انهيءَ لاءِ بہ تہ هو اڄوڪي ڏينهن اوهان جو سندس قوم هئڻ جي تصديق ڪري ۽ اوهان جو خدا ٿئي، جيئن هن اوهان کي چيو هو ۽ جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هئائين.


پر ان جي بدران هو انهيءَ کان بهتر يعني آسماني وطن جي لاءِ واجھائي رهيا هئا. جيئن تہ خدا، انهن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، تنهنڪري هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.


پر هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيڪو عهد آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس، سو هن طرح ٻڌندس جو آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس، ۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا هوندس، ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


خداوند جو ملائڪ جِلجال مان بوڪيم ۾ آيو ۽ خداوند انهيءَ ملائڪ جي وسيلي بني اسرائيل کي چيو تہ ”مون اوهان کي مصر مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آندو آهي، جنهن جي ڏيڻ جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. مون چيو هو تہ ’اوهان سان ٻڌل پنهنجو عهد ڪڏهن بہ نہ ٽوڙيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ