Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 17:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اڳتي تنهنجو نالو ابرام نہ پر ابراهيم سڏبو، ڇو تہ آءٌ تو کي گھڻين ئي قومن جو پيءُ بڻايان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اڳتي تنهنجو نالو ابرام نہ پر ابرهام سڏبو؛ ڇالاءِ جو مون توکي گهڻين قومن جو پيءُ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 17:5
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خدا ابراهيم کي چيو تہ ”اڳتي تون پنهنجيءَ زال کي سارائي نہ سڏ، هاڻي کان وٺي انهيءَ جو نالو سارہ آهي.


هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“


تڏهن يعقوب کيس چيو تہ ”مهرباني ڪري مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ.“ هن چيس تہ ”تون مون کان منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين؟“ پوءِ هن اتي يعقوب کي برڪت ڏني.


خدا چيس تہ ”اڄ تائين تنهنجو نالو يعقوب رهيو آهي، اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏبو.“ سو هن سندس نالو اسرائيل رکيو.


سو خداوند ناتن نبيءَ جي معرفت پيغام موڪليو، جنهن انهيءَ ٻار جو نالو خداوند خاطر يديدياہ رکيو.


۽ انهيءَ مان ابرام يعني ابراهيم.


تون ئي خداوند خدا آهين، جنهن ابرام کي چونڊي بابل ملڪ جي اُور شهر مان ڪڍي آندو، ۽ سندس نالو ابراهيم رکيو.


آءٌ خداوند خدا اوهان کي قتل ڪرائي ڇڏيندس، تڏهن منهنجا اهي چونڊيل ٻانها اوهان جو نالو لعنت طور استعمال ڪندا. پر پنهنجي ٻانهن کي آءٌ برڪت واري نئين نالي سان سڏيندس.


ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن فشحور مون کي زنجيرن مان آزاد ڪرايو، تڏهن مون کيس خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”اڄ کان وٺي مون تنهنجو نالو فشحور نہ بلڪ ’خوف ۾ وڪوڙيل‘ رکيو آهي.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ توڙي اسرائيل جا ماڻهو محفوظ رهندا ۽ سلامتيءَ سان گذاريندا. تڏهن اهو بادشاهہ هن نالي سان سڏبو تہ ’خداوند اسان سان سچو آهي.‘“


اِهي آهن اُهي ماڻهو جن کي موسيٰ ملڪ ڪنعان جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو. موسيٰ نون جي پٽ هوشيع جو نالو بدلائي يشوع رکيو.


پوءِ هو شمعون کي عيسيٰ وٽ وٺي آيو. عيسيٰ هن ڏانهن نهاري چيو تہ ”تون يوحنا جو پٽ شمعون آهين، تون ڪيفا (يعني پطرس) جي نالي سان سڏبين.“


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اي ابراهيم! مون تو کي گھڻين قومن جو پيءُ بڻايو آهي.“ اهو واعدو سچو آهي، ڇاڪاڻ تہ ابراهيم جو ايمان انهيءَ خدا تي هو، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ جنهن جي حڪم سان اهي شيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آهن.


جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ هڪڙو اڇو پٿر بہ ڏيندوسانس. انهيءَ پٿر تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، جنهن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي ملندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ