24 جڏهن ابراهيم جو طهر ٿيو، تڏهن سندس عمر نوانوي سال هئي.
24 جڏهن ابرهام جي جسم جي کل جو ختنو ٿيو، تڏهن هو نوانوي ورهين جو هو.
سو ابرام خداوند جي چوڻ موجب حاران شهر مان روانو ٿيو ۽ سندس ڀائٽيو لوط بہ ساڻس گڏجي هليو. تڏهن ابرام جي عمر پنجهتر سال هئي.
جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.
اڳتي هر ڇوڪرو جڏهن اٺن ڏينهن جو ٿئي تہ توهين انهيءَ جو طهر ڪرايو، انهن غلامن جو بہ جيڪي اوهان جي گھرن ۾ ڄاول هجن يا ڌارين کان خريد ڪيل هجن. اهو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ٻڌل عهد جي نشاني هوندو.
تڏهن ابراهيم جھڪي سجدو ڪيو. پر کلي دل ۾ چيائين تہ ”ڇا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي بہ ٻار ٿي سگھي ٿو، جنهن جي عمر سؤ سال هجي؟ ڇا نوي سالن جي ڄمار ۾ سارہ کي ٻار ٿي سگھي ٿو؟“
جيئن تہ ابراهيم ۽ سارہ تمام ٻڍا هئا ۽ سارہ کي ماهواري اچڻ بند ٿي ويئي هئي،
جڏهن اسحاق ڄائو تڏهن ابراهيم جي عمر هڪ سؤ سال هئي.
ابراهيم جو طهر پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ خدا سندس ايمان رکڻ جي ڪري ئي کيس اڻطهريل حالت ۾ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابراهيم انهن سڀني جو پيءُ آهي، جيڪي طهر کان سواءِ خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو.