22 جڏهن خدا ابراهيم سان ڳالهائي بس ڪئي تہ پوءِ وٽانئس مٿي هليو ويو.
22 جڏهن خدا ابرهام سان ڳالهائي چڪو، تڏهن وٽانئس مٿي چڙهي ويو.
تڏهن ابرام جھڪي سجدو ڪيو ۽ خدا ساڻس همڪلام ٿي چيو تہ
پوءِ جڏهن خداوند ابراهيم سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن اتان هليو ويو ۽ ابراهيم گھر موٽي آيو.
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’اوهان پاڻ ڏٺو آهي تہ مون خداوند، آسمان مان اوهان سان ڳالهايو آهي.
خداوند کي انهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو هو اتان هليو ويو.
ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.
جڏهن تہ آءٌ ۽ پيءُ هڪ آهيون.“
خداوند اوهان سان انهيءَ جبل تي باهہ جي وچ مان روبرو ڳالهايو.
جڏهن قربانگاهہ مان شعلو آسمان ڏانهن چڙهيو، تڏهن خداوند جو ملائڪ بہ انهيءَ شعلي ۾ مٿي چڙهي ويو. اهو ڏسندي منوحہ ۽ سندس زال سجدي ۾ ڪري پيا.
تڏهن خداوند جي ملائڪ انهيءَ لٺ جي چهنب سان جيڪا سندس هٿ ۾ هئي، گوشت ۽ بيخميري مانين کي ڇهيو. تڏهن ٽڪر مان باهہ ڀڙڪو کائي نڪتي ۽ انهيءَ گوشت ۽ بيخميري مانين کي ساڙي ڇڏيائين. پوءِ خداوند جو ملائڪ غائب ٿي ويو.