Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 17:16 - Muslim Sindhi Bible

16 آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ انهيءَ جي پيٽان تو کي هڪڙو پٽ ڏيندس. آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي. هن منجھان قومن جا بادشاهہ پيدا ٿيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ سندس پيٽان توکي هڪڙو پٽ ڏيندس. هائو، آئون هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي، ۽ اُمت جا بادشاهہ منجهانئس پيدا ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 17:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

کين برڪت ڏيئي چيو تہ ”گھڻا ٻار ڄڻيو ۽ ڌرتيءَ کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو، مڇين تي، پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪمراني ڪريو.


آءٌ تو کي برڪت ڏيندس ۽ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس. آءٌ تنهنجو نالو روشن ڪندس ۽ تو کي ٻين لاءِ برڪت جو سبب بڻائيندس.


پوءِ هن خداوند کي وري پاڻ سان ڳالهائيندي ٻڌو تہ ”اليعزر تنهنجو وارث نہ ٿيندو، پر تنهنجو پنهنجو پٽ تنهنجو وارث ٿيندو.“


پوءِ خدا ابراهيم کي چيو تہ ”اڳتي تون پنهنجيءَ زال کي سارائي نہ سڏ، هاڻي کان وٺي انهيءَ جو نالو سارہ آهي.


پر خدا چيو تہ ”نہ. تنهنجي زال سارہ تنهنجي لاءِ هڪ پٽ ڄڻيندي ۽ تون انهيءَ جو نالو اسحاق رکجانءِ. آءٌ انهيءَ سان ۽ سندس اولاد سان پنهنجو عهد، جيڪو دائمي عهد آهي، قائم ڪندس.


آءٌ تو کي گھڻو اولاد ڏيندس ۽ انهن مان ڪي بادشاهہ ٿيندا. تو کي ايترو تہ اولاد ٿيندو جو اهي مختلف قومون بڻجي پوندا.


پنهنجي واعدي موجب خداوند سارہ کي برڪت ڏني.


انهن ربقہ کي دعا ڪندي چيو تہ ”اسان جي ڀيڻ! شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿئين. شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن جي شهرن تي حڪمراني ڪري.“


خداوند کيس چيو تہ ”تنهنجي پيٽ اندر ٻہ قومون سمايل آهن، ٻيئي تو مان جنم وٺنديون ۽ هڪٻئي جون مخالف ٿينديون. هڪڙي قوم ٻي قوم کان وڌيڪ زورآور ٿيندي، هائو، وڏي پٽ جي قوم ننڍي پٽ جي قوم جي خدمت ڪندي.“


خدا چيس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. تون گھڻي اولاد وارو ٿيءُ. تو مان هڪڙي قوم بلڪ گھڻيون قومون پيدا ٿينديون ۽ تنهنجي نسل مان بادشاهہ نڪرندا.


بني اسرائيل جي ڪنهن بادشاهہ جي حڪومت هلائڻ کان اڳ جن بادشاهن ادوم جي ملڪ تي بادشاهي ڪئي سي هي آهن:


انهن جا بادشاهہ تنهنجي پٽن جا سنڀاليندڙ ابا ٿيندا، ۽ راڻيون تنهنجي ڌيئرن جون پاليندڙ مائرون ٿينديون. اهي گوڏن ڀر جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. هائو، اهي تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا. تڏهن تون ڄاڻيندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ جيڪي مون تي ڀروسو ٿا ڪن، سي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“


خدا جو ساڻس اهو واعدو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ”ايندڙ سال هنن ئي ڏينهن ۾ آءٌ موٽي ايندس، تڏهن سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“


ٻانهيءَ وارو پٽ عام طور ڄائو هو، پر آزاد زال وارو پٽ خدا جي واعدي موجب ڄائو هو.


اهڙيءَ طرح سارہ بہ ابراهيم جي فرمانبردار رهندي هئي ۽ کيس پنهنجو آقا چوندي هئي. اوهين بہ انهيءَ جون ڌيئر آهيو، بشرطيڪ نيڪ ڪم ڪريو ۽ ڪنهن بہ خوف جو شڪار نہ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ