پيدائش 17:14 - Muslim Sindhi Bible14 اڳتي جنهن بہ مرد جو طهر ٿيل نہ هوندو تنهن ڄڻ منهنجو عهد ٽوڙيو آهي، سو انهيءَ کي تنهنجي نسل مان خارج ڪيو وڃي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 ۽ نامختون مرد جنهن جي جسم جي کل جو ختنو ٿيل نہ هجي سو اُمت مان ٻاهر ڪڍيو وڃي؛ ڇالاءِ جو هن منهنجو عهد ڀڳو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند کين بني اسرائيل لاءِ وڌيڪ فرمايو تہ ”انهيءَ ئي ڏينهن کان وٺي ستن ڏينهن تائين اوهين بيخميري ماني کائجو. اوهين عيد جي پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گھرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين ڪڏهن بہ خميري ماني کائيندو، تہ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.