Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 17:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هر ڪنهن مرد جو طهر ضرور ٿيل هجي. اها هڪ جسماني نشاني هوندي، اهو ڏيکارڻ لاءِ تہ اوهان سان منهنجو عهد دائمي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 سڀ ڪو مرد جو تنهنجي گهر ۾ ڄاول هجي، يا پئسن تي خريد ڪيل هجي، تنهن جو ختنو ڪيو وڃي: منهنجو عهد اوهان جي جسم ۾ ابدي عهد ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 17:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابرام ٻڌو تہ سندس ڀائٽيو پڪڙيو ويو آهي، تڏهن جملي ٽي سؤ ارڙهن ويڙهاڪ ماڻهو، جيڪي سندس گھراڻي جا هئا تن کي ساڻ ڪري دان تائين چئني بادشاهن جي پٺيان پيو.


آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان انهن جي سڀني پيڙهين تائين پنهنجو دائمي عهد ٻڌندس. آءٌ ئي تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو خدا هوندس.


اچو تہ هن کي اسماعيل قبيلي وارن جي هٿ وڪڻي ڇڏيون ۽ پاڻ وڌيڪ هٿ نہ لايونس. آخرڪار هو اسان جو ڀاءُ آهي، اسان جو هڏ رت آهي.“ يهوداہ جي ڀائرن اها ڳالهہ قبول ڪئي.


انهيءَ وچ ۾ مديانين يوسف کي مصر ۾ فوطيفار جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، جيڪو فرعون جي عملدارن مان هو ۽ پهريدار سپاهين جو سالار هو.


هاڻي اهي اسماعيل قبيلي وارا يوسف کي مصر ۾ وٺي آيا. اتي فوطيفار مصري، جيڪو فرعون جو عملدار ۽ سندس پهريدار سپاهين جو سالار هو، تنهن يوسف کي انهن کان خريد ڪري ورتو.


جڏهن انڊلٺ ڪڪرن مان نڪرندي تہ آءٌ اها ڏسي اهو عهد ياد ڪندس جيڪو مون ۽ اوهان ڌرتيءَ جي سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي.


جيتوڻيڪ اسين پنهنجي هم‌وطنن جو هڏ رت آهيون ۽ اسان جا ٻار بہ هنن جي ٻارن جهڙا آهن، تنهن هوندي بہ اسان کي پنهنجا پٽ ۽ پنهنجيون ڌيئرون غلاميءَ ۾ ڏيڻيون ٿيون پون. اسان جون ڪي ڌيئر تہ اڳي ئي غلاميءَ ۾ آهن، پر کين ڇڏائڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي، ڇوجو اسان جون ٻنيون ۽ اسان جا انگورن جا باغ ٻين جي حوالي آهن.“


مون کين چيو تہ ”جيتري قدر ٿي سگھيو آهي تہ اسان پنهنجن ڪن يهودين کي پئسن سان ڇڏايو آهي، جيڪي غير قومن وٽ وڪيا ويا هئا. هاڻ وري اوهين کين پاڻ وٽ گروي رکڻ ٿا گھرو.“ تڏهن هنن کڻي ماٺ ڪئي ۽ هڪڙو لفظ بہ نہ ڪڇيائون.


پر اوهان جو هر اهو زرخريد غلام جنهن جو طهر ٿيل هجي، سو اها کائي سگھي ٿو.


جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اغوا ڪري کڻي وڃي وڪڻي، يا اهو وٽانئس لڀي پوي، تہ اهو ضرور ماريو وڃي.


جيڪڏهن اوهان مان ڪو پنهنجي هم‌قوم عبرانيءَ کي غلام طور خريد ڪري ٿو تہ اهو ڇهن سالن تائين سندس خدمت ڪندو. ستين سال هو مفت ۾ آزاد ٿي ويندو.


جيڪڏهن هن جي مالڪ کيس شادي ڪرائي هجي ۽ انهيءَ عورت مان کيس پٽ ۽ ڌيئر ڄايون هجن، تہ هن جي زال ۽ ٻار سندس مالڪ جا آهن. هو پاڻ اڪيلو هليو ويندو.


پر جنهن غلام کي هن پئسن سان خريد ڪيو هجي يا جيڪو غلام سندس گھر ۾ ڄائو هجي سو ڀلي سندس کاڌي مان کائي.


پر انهيءَ نوڪر وٽ ايترو پئسو ڪونہ هو جو کڻي قرض لاهي. تنهنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’هن کي، سندس زال ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي تنهن کي بہ وڪڻي قرض وصول ڪيو وڃي.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ