Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 17:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جيڪو عهد منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جي وچ ۾ آهي، جنهن تي اوهين هميشہ قائم رهندا ايندا، تنهن جي نشاني هيءَ آهي تہ تون ۽ تنهنجي اولاد مان هر هڪ مرد پنهنجو طهر ڪرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ منهنجو عهد، جيڪو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾ آهي؛ جو اوهين مڃيندا رهندا، سو هي آهي؛ تہ اوهان مان سڀ ڪنهن مرد جو ختنو ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 17:10
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڳتي هر ڇوڪرو جڏهن اٺن ڏينهن جو ٿئي تہ توهين انهيءَ جو طهر ڪرايو، انهن غلامن جو بہ جيڪي اوهان جي گھرن ۾ ڄاول هجن يا ڌارين کان خريد ڪيل هجن. اهو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ٻڌل عهد جي نشاني هوندو.


پوءِ ابراهيم انهيءَ ئي ڏينهن خدا جي حڪم موجب پنهنجي پٽ اسماعيل ۽ پنهنجي گھر جي ماڻهن مان سڀني مردن جو، پنهنجي گھر ۾ ڄاول ۽ خريد ڪيل غلامن سميت سڀني جو طهر ڪيو.


سندس گھر ۾ ڄاول ۽ خريد ڪيل غلامن سميت گھر جي سڀني مردن جو طهر ساڻس گڏ ٿيو.


جيئن خدا ابراهيم کي حڪم ڏنو هو، تيئن جڏهن اسحاق اٺن ڏينهن جو ٿيو تہ هن جو طهر ڪيائين.


پر رڳو هن شرط تي اسين اوهان جي ڳالهہ مڃينداسين تہ اوهين بہ اسان جهڙا ٿيو، يعني اوهان مان هر ڪو مرد پنهنجو طهر ڪرائي.


اهي ماڻهو رڳو هن شرط تي اسان سان گڏ رهڻ ۽ هڪڙي قوم ٿيڻ لاءِ راضي آهن تہ اسان مان هر ڪو مرد طهر ڪرائي، جيئن هنن جو ٿيل آهي.


جيڪڏهن ڪو ڌاريو توهان وٽ رهي ٿو ۽ هو خداوند جي هن عيد فصح ۾ شريڪ ٿيڻ چاهي ٿو، تہ پهريائين سندس گھر جا سڀيئي مرد طهر ڪرائين، پوءِ هو ويجھا اچي عيد فصح ۾ شريڪ ٿين. اهڙيءَ طرح هو اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ جهڙا ليکجڻ ۾ ايندا. پر ڪوبہ اڻ‌طهريل ماڻهو عيد فصح جي ماني کائي نہ ٿو سگھي.


تڏهن سندس زال صفورہ هڪدم هڪڙو تکو پٿر کڻي پنهنجي پٽ جو طهر ڪيو ۽ وڍيل کل جي ٽڪر سان موسيٰ جي پيرن کي ڇهي چيائين تہ ”بيشڪ تون منهنجي لاءِ رت وارو گھوٽ آهين.“


اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارؤ! اوهين مون خداوند سان پنهنجو ٻڌل عهد قائم رکو، ۽ پنهنجي دلين تان ڪٽ لاهي اڇلائي ڇڏيو. جيڪڏهن ائين نہ ڪندءُ، تہ پوءِ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪو کائي اٿندي، ۽ اها اهڙي تہ ڀڙڪي اٿندي جو ڪوبہ ان کي وسائي نہ سگھندو.“


ڏسو، موسيٰ اوهان کي طهر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن تہ اهو حڪم موسيٰ جي دور کان نہ، بلڪ اسان جي ابن ڏاڏن جي وقت کان وٺي آهي ۽ انهيءَ حڪم جي ڪري اوهين سبت جي ڏينهن تي بہ پنهنجن پٽن جو طهر ڪرائيندا آهيو.


پوءِ خدا ابراهيم لاءِ طهر کي انهيءَ عهد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنهنڪري ابراهيم پنهنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينهن تي طهر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارهن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارهن قبيلن جا وڏا ٿيا، تن سڀني جو بہ طهر ڪرايو ويو.


اهو ماڻهو حقيقي يهودي نہ آهي، جيڪو رڳو نالي جو يهودي هجي ۽ نہ ئي اهو طهر حقيقي آهي، جيڪو رڳو ظاهري ۽ جسماني طهر هجي.


خدا عيسيٰ کي اهڙو ڪفارو بڻايو، جو سندس جان جي قربانيءَ جي ڪري جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنهن جا گناهہ معاف ڪيا وڃن ٿا. خدا ان مان پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. جڏهن تہ هن کان اڳي خدا بردباري ڪندي ماڻهن جي گناهن کي درگذر ٿي ڪيو،


هائو، اسين دعويٰ سان چئون ٿا تہ شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر ماڻهو رڳو ايمان رکڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو.


جيئن تہ خدا هڪڙو ئي آهي، سو هو طهريلن توڙي اڻ‌طهريلن کي هڪڙي ئي رستي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، يعني ايمان آڻڻ سان.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


جيڪي ماڻهو عزت جي لائق هئڻ جو ڏيکاءُ ڪن ٿا، سي اوهان کي طهر ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن. هو رڳو انهيءَ لاءِ ائين ڪن ٿا تہ جيئن مسيح جي صليب واري تعليم جي ڪري ستايا نہ وڃن.


تنهنڪري اوهين جيڪي پيدائشي طور غير قوم آهيو، جنهن سبب جسماني طور هٿ سان ڪرايل طهر وارا فخر وچان پاڻ کي طهريل سڏائيندي اوهان کي اڻ‌طهريل سڏيندا آهن، سي ياد رکو تہ


تنهنڪري اوهين پنهنجي دلين تان پردو هٽائي ڇڏيو ۽ اڳتي وري ضدي نہ ٿيو.


خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ۽ اوهان جي اولاد کي فرمانبردار دل عطا ڪندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ۽ جيئرا رهو.


ياد رکو تہ حقيقي طهر ڪرايل اسين آهيون، جيڪي خدا جي پاڪ روح جي مرضيءَ سان زندگي گذاريون ٿا، عيسيٰ مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ جسماني ڳالهين تي ويساهہ نہ ٿا رکون.


تنهن وقت خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”تون چقمقي پٿر جا چاقو ٺهراءِ ۽ بني اسرائيل جو نئين نسل جو طهر ڪراءِ.“


يشوع ائين انهيءَ ڪري ڪيو جو اُهي سڀيئي جنگي مرد جيڪي مصر مان نڪري آيا هئا سي سڀ مصر مان نڪرڻ کان پوءِ بيابان ۾ واٽ تي ئي مري ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ