9 خداوند چيس تہ ”تون هن وٽ موٽي وڃ ۽ سندس ٻانهي ٿي رهہ.“
9 تڏهن خداوند جي فرشتي چيس تہ تون پنهنجيءَ ڌياڻيءَ وٽ موٽي وڃ ۽ سندس هٿ هيٺ رهہ.
پوءِ هن وڌيڪ چيس تہ ”آءٌ تنهنجي اولاد کي ايترو تہ وڌائيندس جو ڪوبہ انهن جو شمار نہ ڪري سگھندو.
ابرام جواب ڏنو تہ ”چڱو، هوءَ تنهنجي ٻانهي آهي ۽ تنهنجي هٿ ۾ آهي. سو جيئن تو کي وڻي تيئن تون ساڻس ڪر.“ پوءِ سارائيءَ هاجرہ کي ايتري تہ تڪليف ڏني جو هوءَ ڀڄي نڪتي.
هن کيس چيو تہ ”اي سارائيءَ جي ٻانهي هاجرہ! تون ڪٿان ٿي اچين ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ پنهنجي مالڪياڻي سارائيءَ وٽان ڀڄي نڪتي آهيان.“
جيڪڏهن اوهان جو حڪمران ڪنهن ڳالهہ تان اوهان کان ناراض ٿئي، تہ اوهين جلديءَ ۾ ڪم ڪار ڇڏي هليا نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ بردبار نموني ڳالهائڻ سان وڏي ۾ وڏو ڏوهہ بہ معاف ٿي سگھي ٿو.
مسيح جي ادب جي ڪري اوهين هڪٻئي جي تابع رهو.
غلامن کي نصيحت ڪر تہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن مالڪن جي تابع رهن، انهن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن، کين آڏا جواب نہ ڏين