Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 16:7 - Muslim Sindhi Bible

7 خداوند پنهنجي ملائڪ جي وسيلي هاجرہ کي شور جي رستي تي رڻ‌پٽ ۾ پاڻيءَ جي هڪ چشمي وٽ گڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ رڻ پٽ ۾ شور جي رستي تي جيڪو پاڻيءَ جو چشمو آهي، تنهن وٽ خداوند جو فرشتو هن کي گڏيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 16:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابراهيم ممريءَ مان نڪري ڏکڻ ڏانهن سفر ڪيو. هو مسافري ڪندو قادش ۽ شور جي وچ ۾ آيو ۽ جرار شهر ۾ اچي رهيو.


تڏهن خدا ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو ۽ سندس ملائڪ آسمان مان هاجرہ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ”اي هاجرہ! تو کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊڄ نہ، خدا ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي.


اُٿ، وڃي کڻيس ۽ دلاسو ڏيس. خدا چوي ٿو تہ ’آءٌ انهيءَ جي اولاد مان هڪ وڏي قوم بڻائيندس.‘“


پوءِ خدا هاجرہ جون اکيون کوليون ۽ هاجرہ هڪڙو کوهہ ڏٺو. هوءَ وڃي اتان پنهنجي مشڪ پاڻيءَ سان ڀري آئي ۽ چڪو ٻار کي پيئاريائين.


تڏهن خداوند ملائڪ جي وسيلي آسمان مان سڏ ڪري چيس تہ ”ابراهيم! اي ابراهيم!“ هن وراڻيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“


خداوند ٻيو ڀيرو ملائڪ جي وسيلي آسمان مان ابراهيم کي سڏي چيو تہ


خداوند عرش عظيم جي خدا مون کي منهنجي پيءُ جي گھر ۽ اباڻي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي. انهيءَ قسم کڻي مون سان عهد ٻڌو آهي تہ ’آءٌ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين ڏيندس.‘ اهو ئي پنهنجي ملائڪ کي موڪليندو تہ جيئن تون اتان منهنجي پٽ جي لاءِ ڪنوار وٺي اچي سگھين.


اسماعيل جو اولاد حويلاہ کان شور جي وچ واري علائقي ۾ رهندو هو، جيڪو اشور ڏانهن ويندي مصر جي اوڀر پاسي آهي. اُهي پنهنجي ابي ڏاڏي ابراهيم جي ٻئي اولاد کان الڳ رهندا هئا.


تڏهن اتي خدا جي هڪ ملائڪ مون سان خواب ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ ’اي يعقوب!‘ مون وراڻيو تہ ’جي سائين!‘


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا. هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا پر پاڻي ڪٿي بہ نہ ملين.


هن کي اتي اوچتو خداوند جو وجود هڪڙي ٻوڙي جي وچ مان باهہ جي شعلي وانگر نظر آيو. هن نهاري ڏٺو تہ ٻوڙي ۾ باهہ پيئي ٻري، پر تڏهن بہ ٻوڙو سڙي رک نہ ٿو ٿئي.


خداوند هر هنڌ حاضر آهي، هو چڱن توڙي بڇڙن سڀني تي نظر رکي ٿو.


پوءِ سائول عماليقين کي حويلہ کان وٺي شور تائين، جيڪو مصر جي اوڀر پاسي آهي، ماريندو آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ