Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 16:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ابرام هاجرہ وٽ ويو تہ هوءَ پيٽ سان ٿي. جڏهن کيس خبر پيئي تہ ”مون کي پيٽ ٿيو آهي،“ تڏهن هوءَ فخر ڪرڻ لڳي ۽ پنهنجي مالڪياڻي سارائيءَ کي حقير سمجھڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ هو هاجرہ وٽ ويو ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ جڏهن کيس خبر پيئي تہ آءٌ پيٽ سان ٿي آهيان، تڏهن پنهنجي ڌياڻيءَ جي حقارت ڪرڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 16:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سارائيءَ پنهنجي مڙس کي پنهنجي ٻانهي هاجرہ زال ڪري ڏني. ان وقت تائين ابرام کي ڪنعان ملڪ ۾ رهندي ڏهہ سال ٿي ويا هئا.


تڏهن سارائيءَ ابرام کي چيو تہ ”اهو سڀ تنهنجو قصور آهي جو هاجرہ مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. مون پاڻ اها تو کي ڏني هئي، پر جڏهن کان هوءَ پيٽ سان ٿي آهي تڏهن کان مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. شل خداوند انصاف ڪري تہ تو ۽ مون مان ڪير حق تي آهي.“


پوءِ وڏيءَ ڀيڻ پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ کي چيو تہ ”اسان جو پيءُ ٻڍو ٿيندو ٿو وڃي ۽ ڪو ٻيو مرد ڪونهي جيڪو اسان سان شادي ڪري ۽ اسان کي ٻار ٿين.


هڪ ڏينهن سارہ ڏٺو تہ مصري هاجرہ جو پٽ اسماعيل جيڪو کيس ابراهيم مان ڄائو هو تنهن سارہ جي پٽ اسحاق سان راند پئي ڪئي.


سو هن پنهنجي ٻانهي بلهاہ کيس زال ڪري ڏني ۽ يعقوب ساڻس ستو.


جيئن ئي خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر يروشلم ۾ آئي، تيئن ئي سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ جڏهن هن دائود بادشاهہ کي خداوند جي حضور ۾ نچندو ٽپندو ڏٺو تڏهن سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت ٿيڻ لڳي.


نفرت جهڙي عورت، جيڪا پرڻجي وڃي، ۽ ٻانهي، جيڪا پنهنجي مالڪياڻيءَ جي جاءِ والاري.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون هنن ڳالهين ۾ اوهان جي خاطر پنهنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور پيش ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين اسان تي غور ڪندي هن چوڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو تہ ”جيڪي ڪجھہ لکيل آهي، تنهن کان ٻاهر نہ وڃو.“ پوءِ اوهان مان ڪو ٻٽاڪون هڻندي هڪڙي جي ڀر وٺي ٻئي جي مخالفت نہ ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ