Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 16:2 - Muslim Sindhi Bible

2 سو سارائيءَ ابرام کي چيو تہ ”خداوند مون کي اولاد کان محروم رکيو آهي. تنهنڪري تون ڇو نہ منهنجي انهيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃين. شايد انهيءَ مان مون کي ڪو ٻار ملي.“ ابرام سارائيءَ جي ڳالهہ قبول ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ ساريءَ ابرام کي چيو تہ هاڻي ڏس، خداوند مون کي اولاد کان وانجهي رکيو آهي، سو تون پنهنجيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃ، شايد ان مان مون کي ڪي ٻار ملن. ۽ ابرام ساريءَ جي ڳالهہ قبول ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 16:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ انهيءَ جي پيٽان تو کي هڪڙو پٽ ڏيندس. آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي. هن منجھان قومن جا بادشاهہ پيدا ٿيندا.“


انهن مان هڪڙي چيو تہ ”آءٌ ايندڙ سال هنن ڏينهن ۾ ضرور تو وٽ موٽي ايندس، تڏهن تنهنجيءَ زال سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“ سارہ هن جي پٺيان تنبوءَ جي در وٽ اها ڳالهہ ٻڌي ورتي.


پوءِ وڏيءَ ڀيڻ پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ کي چيو تہ ”اسان جو پيءُ ٻڍو ٿيندو ٿو وڃي ۽ ڪو ٻيو مرد ڪونهي جيڪو اسان سان شادي ڪري ۽ اسان کي ٻار ٿين.


جيئن تہ ربقہ سنڍ هئي، تنهنڪري اسحاق انهيءَ لاءِ خداوند کان دعا گھري. خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي.


آدم جواب ڏنو تہ ”جيڪا عورت تو مون سان گڏ رهائي آهي، تنهن مون کي اهو ميوو ڏنو ۽ مون کاڌو.“


خدا مرد کي چيو تہ ”تو پنهنجيءَ زال جو چيو مڃي اهو ميوو کاڌو، جنهن جي نہ کائڻ لاءِ مون تو کي چيو هو. جيڪي ڪجھہ تو ڪيو آهي انهيءَ سببان زمين لعنت هيٺ رهندي. تون پنهنجي سڄي حياتي محنت ڪري انهيءَ جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪندين.


پوءِ خدا راخل کي بہ ياد ڪيو ۽ انهيءَ جي ٻُڌائين ۽ سندس ڪُکِ کوليائين.


تڏهن راخل چيو تہ ”خدا منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي، منهنجي دانهن ٻڌي مون کي پٽ ڏنو اٿس.“ انهيءَ سبب هن انهيءَ جو نالو دان رکيو.


ٻار خداوند جو عطيو آهن، هائو، اهي والدين لاءِ خداوند جي طرفان هڪ نعمت آهن.


جيڪڏهن هن جي مالڪ کيس شادي ڪرائي هجي ۽ انهيءَ عورت مان کيس پٽ ۽ ڌيئر ڄايون هجن، تہ هن جي زال ۽ ٻار سندس مالڪ جا آهن. هو پاڻ اڪيلو هليو ويندو.


تڏهن اڳواڻن ۽ شهر جي دروازي وٽ موجود ٻين ماڻهن چيو تہ ”اسين شاهد آهيون. شل انهيءَ عورت کي جيڪا تنهنجي گھر ٿي اچي، هائو، انهيءَ کي خداوند شل يعقوب جي زالن راخل ۽ لياہ جهڙو ڪري، جن ٻنهي بني اسرائيل جو نسل وڌايو. شل تون افراتي گھراڻي ۾ خوشحال ٿئين، ۽ بيت‌لحم ۾ تنهنجو نالو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ